Wed Apr 26 2017
تازا ترين:  
* ‏www.awaztv.tv ‏ ‏ ‏(((اهم خبرون))) * راولپنڊي: پاڪ_برطانيا آرمي اسٽاف ڳالهين جو ٽيون دور: آءِ ايس پي آر * پاڪ_برطانيا جي ملاقات آرمي جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي: آءِ ايس پي آر * برطانيا جي وفد جي اڳواڻي جنرل نڪولس ڪئي: آءِ ايس پي آر * ڊي جي ايم او ميجر جنرل شمشاد مرزا وفد جي آجيان ڪئي: آءِ ايس پي آر * ڊي جي ايم او شمشاد برطانوي وفد کي آپريشن ردالفساد بابت بريفنگ ڏني: آءِ ايس پي آر * مالاڪنڊ: ڳڙهي خدا بخش ۾ عوام جي خدمت جو قسم کنيو آهي: آصف زرداري *اسان بنا خوف جي پٺاڻن کي سڃاڻپ ڏني: آصف زرداري * هاڻي به توهان جو اين ايف سي ايوارڊ هڙپ ڪيو پيو وڃي: آصف زرداري *سي پيڪ عوام لاءِ ٺهرايو، جيڪو ڦورن کسي ورتو: آصف زرداري * نواز شريف ضياءُ الحق جي پيداوار آهي: آصف زرداري * نواز شريف ضياءُ الحق جي فلسفي تي هلي رهيو آهي: آصف زرداري * عوام سان ڪا به مذاق برداشت نه ڪنداسين: آصف زرداري * اسان فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪنداسين: آصف زرداري * سوات ۾ اوهان جي مدد سان جهنڊو ڦڙڪايوسين: آصف زرداري * پاڻ فاٽا ويندس ۽ عوام جا حق کسي وٺندس: آصف زرداري * ن ليگ حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي: آصف زرداري * پختونن کي چوان ٿو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارن: آصف زرداري * جعلي خان ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي: آصف زرداري * نواز شريف ملڪ کي مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جو تحفو ڏنو: آصف زرداري *ڪراچي: ڳجهي اطلاع پوليس يا رينجرز وٽ آئي ته ڪارروائي ٿيندي آهي: آءِ جي سنڌ * هڪ سرڪاري آفيسر هئڻ جي ناتي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان: آءِ جي سنڌ * عدالت ۾ جيڪا پٽيشن آهي اها منهنجي طرف کان ناهي: آءِ جي سنڌ * سرڪاري طريقي سان هٽايو ويو ته هڪ منٽ به سيٽ تي نه ويهندس: آءِ جي * منهنجو پيپلز پارٽي جي حڪومت سان ڪو به تڪرار نه آهي: اي ڊي خواجا * اسلام آباد: وزيراعظم نواز شريف سان چوڌري نثار علي جي ملاقات * چوڌري نثار وزيراعظم کي ڊان ليڪس جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي: ذريعا * پرويز رشيد خلاف ڪي به پڪا ثبوت نه ملي سگهيا: ذريعا * رپورٽ ۾ پرويز رشيد جي موبائيل فرانزڪ رپورٽ به شامل: ذريعا * رپورٽ ۾ طارق فاطمي ۽ رائو تحسين ذميوار قرار: ذريعا * طارق فاطمي ۽ رائو تحسين کان استعيفيٰ وٺڻ جو امڪان: ذريعا * ڊان اخبار خلاف ڪارروائي اي پي اين ايس حوالي ڪرڻ جي سفارش: ذريعا * راولپنڊي: پاڪستان ۽ ڀارت جي عسڪري قيادت جو هاٽ لائن تي رابطو: آءِ ايس پي آر * رابطو مردم شماري جي عملي جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر * ڪرم ايجنسي: گودر واري علائقي ۾ وين ۾ ڌماڪو، مارجي ويلن جو انگ 14 ٿي ويو، 8 زخمي :پوليٽيڪل اختياريون * صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف، مراد علي شاهه، رحمان ملڪ ۽ ٻين پاران ڌماڪي جي مذمت * * سڀاڻي قائداعظم جي مزار آڏو ڌرڻو هنيو ويندو: نثار کهڙو * سڀاڻي وارو ڌرڻو 3 وڳي ٿيندو: نثار کهڙو * ڌرڻي ۾ پيپلز پارٽي جا هزارين ڪارڪن شريڪ ٿيندا: نثار کهڙو * وزير اعظم جي عهدي تي ويٺل نواز شريف چور آهي: نثار کهڙو * سنڌ جي عوام ملڪ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻايو: نثار کهڙو * هاڻي عوام وفاقي حڪومت جي زيادتين جو مقابلو ڪندو: نثار کهڙو * سڀني مسئلن جي پاڙ نواز شريف آهي، هاڻي عهدو ڇڏي ڏئي: نثار کهڙو * پ پ پاران ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڌرڻا هڻڻ جو به اعلان ڪيو ويو * 21مئي تي سکر ۾ گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو هڻڻ جو اعلان * حيدرآباد ۾ 30 اپريل ۽ 6 مئي تي لاڙڪاڻو ۾ ڌرڻا هنيا ويندا * ميرپورخاص ۾ 11 مئي ۽ 16 مئي تي شهيد بينظير آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو * ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس * خيرپور هجي يا سانگهڙ هاڻ مخالف ٽپڙ کڻن: منظور وساڻ *هميشه هٿيارن جي زور تي پ پ کان چونڊون کٽيون ويون آهن: منظور وساڻ * فنڪشنل جو نالو مٽايو ، هاڻ نان فنڪشنل آهي : تيمور ٽالپر * فنڪشنل وارا پ پ ۾ ٿا اچن، کين هاڻ نه قبولبو: تيمور ٽالپر * ساڙ وارا ساڙ گهٽ ڪن يا اسپيڪر فائربرگيڊ گهرائي: تيمور ٽالپر *اڃا ته پ پ جي پارٽي شروع ٿي آهي: فياض ٻٽ * ڄام مدد ۽ امتياز شيخ بعد ڪجهه فنڪشنل وارا منٿون پيا ڪن: فياض ٻٽ * شڪر آهي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ۾ آهيان: ڄام مدد *گهڻو وقت وڃايم، هاڻ دير پوري ڪرڻي آهي: ڄام مدد * نذير قائمخاني ۽ سندس پٽ هڪ بي گناهه نوجوان کي قتل ڪرايو:ڄام مدد *سپاهي جو علاج ٿئي پيو ان جي مالي مدد ڪئي وڃي: ڄام مدد *پ پ قيادت جو ٿورائتو آهيان جنهن مون تي اعتماد ڪيو: ڄام مدد * ڪابه سوڀ آخري ۽ ڪابه شڪست آخري ناهي ٿيندي:محفوظ يار خان * اسيمبلي ۾ ڪهڙو تماشو ٿي رهيو آهي: ثمر علي خان * کٽڻ هارائڻ جمهوريت جو حصو آهي ٻين تي تنقيد سٺي نٿي لڳي: ثمرعلي خان * ڄام مدد پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آهي: نثار کهڙو * سانگهڙ ۾ اڄ اسان جي اڪثريت آهي * اوهان مخالف ڌر جي ميمبرن کي سمجهايو: نثار کهڙو جو خواجا اظهار الحسن کي مشورو * اوهان مخالف ڌر جي ميمبرن کي ڳالهائڻ ڏيو: خواجا اظهار * ٻين کي به پنهنجي حيثيت جو اندازو ٿي ويو هوندو: نثار کهڙو * نصرت سحر عباسي جي ايوان ۾ گول ميز ڪانفرنس جي نشاندهي * ڪجهه ميمبر اسپيڪر کي پٺي ڏئي ڪچهري ۾ مصروف آهن: نصرت سحر عباسي * اوهان سوال پڇو تقرير نه ڪيو: آغا سراج دراني * سانگهڙ جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو: ضياءُ الحسن لنجار * سانگهڙ ۾ ذوالفقار ڀٽو تي فائرنگ ڪئي وئي هئي: امداد پتافي * ڪراچي: اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ون جو 9 مهنن کان اجلاس نه ٿي سگهيو * تعليم صحت، روينيو ۽ مڪاني ادزرن جا 88 ڪيس رولڙي جو شڪار * ڪراچي: اورنگي پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار * گرفتار تاج علي عرف تاجا ۽ غلام اڪبر عرف اڪبر مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا: ايس پي اورنگي * جوابدارن وٽان 2 عدد پسٽل، 5 گوليون، هينڊ گرنيڊ ۽ موبائل فونز هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي اورنگي * ملير: ضلع ڪائونسل ڪراچي جو اجلاس چيئرمين سلمان عبدالله مراد جي صدارت هيٺ ٿيو * اجلاس ۾ وزيراعظم جي استيفيٰ ڏيڻ لاءِ ٺهراء منظور ((مقامي خبرون)) * جروار: سرحد امتحاني سينٽر مان گرفتار شاگردياڻين وارو معاملو * گهوٽڪي ضلعي جي استاد تنظيمن پاران سڀاڻي رٿيل پرچي جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان * شهدادڪوٽ: ڳوٺاڻن جو با اثر جي زيادتين خلاف عابد ڪمبوهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ۾ظاهرو* ڪي اين شاهه: سن ويجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، ڪي اين شاهه واسي بشير کوکر فوت، 2 عورتون زخمي* ميرپور ماٿيلو: اي ايس پي آصف بهادر مير پور خاص مقرر * آصف بهادر سکيا جو رهيل مدو ميرپورخاص ۾ پورو ڪندو، نوٽيفڪيشن جاري * تنگواڻي: جنگواڻي ۽ نوناري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 زخمي، اسپتال منتقل *مديجي: پوسٽ آفيس محلي ۾ پٺاڻ ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي * ڪڪڙ: بهه سان ڀريل ٽرالي ڪلٽي، 2 ڄڻا عاشق جمالي ۽ اويس ٻٻر فوت * گهوٽڪي: فيصل ڪالوني جي رهواسي 45 ورهين جي سهراب ڪولاچي جي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت * غوثپور: انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار رڪشو ڪلٽي،6 ڄڻا زخمي1 * دادو: وومين پروٽيڪشن سيل دادو جي جوهي ۾ ڪارروائي، حيدرآباد جي رهواسڻ شافيا شاهه بازياب * عورت کي پنهنجي ڀاڻج 80 هزار ۾ وڪرو ڪيو: ايس ايس پي شبير سيٺار* ميهڙ: 5 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ماسترياڻي جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي هڪ عورت سميت 3 ڄڻن خلاف داخل * کپرو: وارهه موري ويجهو مندر مان چوري جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * راڻيپور: ڪڻڪ گدام تي اڻڄاتل شخص جو گدام جي انچارج تي تشدد * ضلعي ۾ فوڊ انسپيڪٽرن جي هڙتال، ضلعي جا 52 گدام بند * ڳڙهي خيرو: ڳوٺ متارو جکراڻي ۾ 20 ورهين جي نوجوان اپگهات ڪري ڇڏي * ڳوٺ: دلمراد 30 ورهين جي نوجوان محمد علي عمراڻي ڪارو پٿر کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ٽنڊو آدم: ڳجهن ادارن جي ڪارروائي، قبرستان ۾ لڪايل 7 ڪلو بارودي مواد هٿ * موساڻي قبرستان ۾ پوريل 7 ڪلو بارودي مواد ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري هٿ ڪيو ويو: پوليس * سڪرنڊ: ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ جلباڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 8 ڄڻا زخمي * لاڙڪاڻو: يار محمد ڪالوني ۾ آدمشماري ٽيم تي مبينا فائرنگ جي الزام هيٺ نثار چانڊيو گرفتار * اسان شاديءَ جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪئي، آدمشماري ٽيم اچڻ جي ڪا خبر نه هئي: نثار چانڊيو * پوليس جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو * معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون: پوليس * رتوديرو: مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، عورت فوت، سندس پٽ زخمي * ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو * 40سالن جي نور بيگم فوت، سندس پٽ ظاهر شاهه زخمي، اسپتال منتقل * ٽنڊوڄام: پوليس جو شفيع بائونڊري وٽ ڏوهارين سان مبينا مقابلو، پوليس پاران هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا* ڪنڊيارو: 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪري پيا، 2 ڄڻن جا لاش هٿ * لاڙڪاڻو: سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 2 مبينا دهشتگرد گرفتار * قاري بلال عمراڻي ۽ عابد شاهه کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي پوليس * گرفتار ٿيلن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، پسٽل ۽ چندي جون رسيدون هٿ ڪيون آهن: پوليس * قاري بلال پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪارڪن آهي، هن افغانستان مان ٽريننگ حاصل ڪئي آهي: ايس پي سي ٽي ڊي * عابد شاهه بخشاپور ٽرين ڌماڪي ۾ ملوث آهي: ايس پي سي ٽي ڊي * (((وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽس لاءِ وزٽ ڪندا آواز ٽي وي جي ويب سائيٽ)))

آمريڪا جوشام تي ڪروز ميزائلن سان حملو، شام پاران مذمت، اڳرائي قرار، روس سلامتي ڪائونسل جو  هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

آمريڪا جوشام تي ڪروز ميزائلن سان حملو، شام پاران مذمت، اڳرائي قرار، روس سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

آمريڪا پاران شام تي ڪروز ميزائلن سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ شامي هوائي اڏن ۽ ٻين هنڌن کي نشانو بڻايو ويو،شام آمريڪي حملي جي مذمت ڪندي ان کي اڳرائي قرار ڏنو آهي جڏهن ته روس سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آمريڪا سان شام ۾ سهڪار روڪي سگهجي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب ايئر بيس تي موجود روسي ۽ شامي اهلڪارن کي نشانو ناهي بڻايو ويو. گذريل ڏينهن آمريڪا ڪيميائي حملي بابت روسي موقف رد ڪندي هڪ طرفي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني هئي. ان کان اڳ بشار الاسد جي فوج طرفان مبينا ڪيميائي حملي ۾ 14 ٻارن سميت 70 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا هئا، صدر ٽرمپ ڪيميائي حملن کانپوءِ بشار الاسد کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. ٽرمپ جو چوڻ آهي ته شام تي هوائي حملو اهم قومي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي، شامي صدر جي رويي کي تبديل ڪرڻ جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي، بشار الاسد شام ۾ شهرين تي زهريلي گئس استعمال ڪئي. پينٽاگون جو چوڻ آهي ته ميزائل حملن کان اڳ روس کي آگاهه ڪيو ويو هو، هوائي اڏي جي ان حصن کي نشانو ناهي بڻايو ويو جتي روسي فوجي موجود هئا، حملن ۾ ڪيترائي شامي جهاز تباهه ٿيا آهن. ٻئي طرف شام ايئر بيس تي آمريڪي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪدني ان کي اڳرائي قرار ڏنو آهي. شامي اختيارين موجب حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ ايئربيس تي ٿيل حملو ڳري نقصان جو سبب بڻيو، حملي ۾ چار فوجي مارجي ويا آهن. شامي اختيارين جو موقف آهي ته آمريڪي حملن سان داعش ۽ ٻين دهشتگردن کي فائدو ٿيو آهي، انهن حملن سان شام جي پاليسي تبديلي نه ٿيندي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيني هم منصب کي ذاتي طور تي حملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. شام ۾ اپوزيشن اڳواڻن آمريڪي حملن جي حمايت ڪئي آهي ۽ بشار الاسد خلاف حملا جاري رکڻ جو چيو آهي. هوڏانهن شام تي آمريڪي ڪارروائي کانپوءِ روس سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهـُرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته روس شام ۾ آمريڪي سان سهڪار به روڪي سگهي ٿو. روسي ميڊيا موجب روس جي پارلياماني ميمبرن شام ۾ آمريڪي هوائي حملي کي سياسي ٻٽو معيار قرار ڏنو آهي. روسي دفاعي ڪميٽي جي سربراهه چيو آهي ته شام ۾ آمريڪي هوائي حملو دهشتگردي خلاف مقابلي جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب شام ۾ آمريڪي حملي تي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هـُو هوائي ڪارروائي ذريعي آمريڪا جي شام کي ڏنل واضح پيغام جي حمايت ڪن ٿا. ايران شام ۾ آمريڪي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي....     (تاريخ: جمعو 07 اپريل 2017 ٽائيم: 19:09 )


Design & Developed by Aftab Tunio