Tue Aug 22 2017
تازا ترين:  
* * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور پهچي ويو * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ڪندو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ جاري * قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪري ورتو * مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد جو ايوان ۾ خطاب * قومي اسيمبلي ۾ ڪورم ڏسي شرم اچي رهيو آهي: خورشيد شاهه * اسپيڪر صاحب اوهان جي ڳالهه ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي: خورشيد شاهه * پارليامينٽ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي :خورشيد شاهه * ايوان ۾ ڪير به اچڻ لاءِ تيار ناهي، 342جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود آهن: خورشيد شاهه * حڪومت ميمبرن جو اسيمبلي ۾ رويو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ٻڌايو وڃي ته هن وقت ڪهڙو وزير ايوان ۾ موجود آهي: خورشيد شاهه * جڏهن ڪنهن وزير ۾ ڪم پوي ٿو ته ڪير به نٿو ملي، وزيرن کان دير سان اچڻ تي اسڪول وانگر ڪرسي تي بيهاريو وڃي، اسيمبلي ۾ روزانو ايندڙ ميمبر عظيم آهي: خورشيد شاهه * ماڻهو ڪراچي ۽ بلوچستان کان اچن پر انهن جو ڪم نٿو ٿئي:خورشيد شاهه * پارليامينٽ ڀريل هجي ته ڪير به اک کڻي نٿو نهاري سگهي، ڪنهن تي تنقيد نه پر ساٿين جو آواز اٿاري رهيو آهيان:خورشيد شاهه * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ ڪوئلا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدار پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش * نيب پاران شاهد آفتاب احمد کوکر جو بيان قلمبند ڪيو ويو * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيل شاهدن جي بيان تي جرح ڪندو * جوابدارن تي بجلي گهرن لاءِ ڪڍيل ڪوئلو وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي * جوابدارن قومي خزاني کي اڍاِئي ارب جو نقصان پهچايو: نيب * ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن جي ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي * ڊاڪٽر عاصم اڄ احتساب عدالت ۾پيش نه ٿيندو * عاصم جو وڪيل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي * ڊاڪٽر عاصم جو طبي معائنو ٿيڻو آهي، ان لاءِ پيش نه ٿيندو: درخواست * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي * ريفرنس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي وارو معاملو * سنڌ حڪومت عدالتي حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي * ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، عدالت ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرائي * آرٽيڪل 69 ۽ 127 پارلياماني ڪارروائي کي تحفظ فراهم ڪري ٿي * عدالت سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي طلب نٿي ڪري سگهي:درخواست ۾ موقف * اسلام آباد: وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ملاقات * ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي: پي ايم هائوس ترجمان * ملاقات ۾پاڪ فوج جي پيشيواراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون * واشنگٽن: آمريڪي صدر افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو * پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن تي خاموش نه ويهنداسين: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ * اربين ڊالر ڏيڻ باوجود پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، افغانستان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي فائدو ۽ ٻي صورت ۾ نقصان ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ *اسان جي نيئن پاليسي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان کي خاص اهميت حاصل آهي، سفارتي، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي کي گڏ ڪري قدم کڻنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * اسان انهن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪنداسين جيڪو دهشتگردي کي هٿي ڏيندو: آمريڪي صدر * آمريڪي قوم گذريل 16 سالن کان جنگين سبب پريشان آهي، آمريڪي عوام جيان مون کي افغان جنگ ۾ ڊگهي ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * عراق جيان افغانستان مان نڪري وڃڻ واري غلطي کي ٻيهر نه ورجائينداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * ڪراچي: وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضيٰ بلوچ جو پٽ مبينا طور اغوا * صوبائي وزير جو پٽ گڏاپ مان اغوا ٿيو: ايس ايس پي ملير * اغوا جو واقعو برسات دوران پيش آيو: ايس ايس پي ملير * رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، 31 آگسٽ خميس ڏهاڙي حج پڙهيو ويندو، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو * ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات * گڏاپ، گلزار هجري، ڪورنگي، صدر، ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ برسات * ڊيرا مراد جمالي:ڳوٺ ڪٽه ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، موٽر سائيڪل سوار محمد نواز فوت * ڪڪڙ:ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * سوڀوديرو: ڳوٺ سليمان ڀاڳت ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ذوالفقار ڀاڳت فوت * ٽنڊوڄام: ڳوٺ حيدر شاهه آبڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان 16 ورهين جي رامو ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

بلوچ قومپرست پاڻي کي غلط استعمال ٿيڻ نه ڏين، هٿيار کڻي جبلن تي چڙهڻ سان انهن جو پنهنجو نقصان ٿيو:آصف علي زرداري

بلوچ قومپرست پاڻي کي غلط استعمال ٿيڻ نه ڏين، هٿيار کڻي جبلن تي چڙهڻ سان انهن جو پنهنجو نقصان ٿيو:آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ، بلوچ قومپرستن تي زور ڀريو آهي ته اهي پاڻ کي غلط استعمال ٿيڻ نه ڏين،هٿيار کڻي جبلن تي چڙهڻ سان سندن پنهنجو نقصان ٿيو ۽ مخالفن کي کين غدار چوڻ جو موقعو پڻ فراهم ٿيو. جعفر آباد ۾ پ پ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته پنهنجا حق زبردستي وٺڻ جي ضرورت ناهي، بلوچ سوچين ته جبلن تي چڙهڻ سان ڪنهن جو نقصان ٿيو آهي؟ هن چيو ته ڀارت، بلوچستان جي قومپرستن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بلوچن کي غلط استعمال نه ٿيڻ گهرجي. ‎اڳوڻي صدر موجب بلوچ عوام کي قومپرستيءَ جي بهاني ورغلايو پيو وڃي، بلوچن پنهنجي سياست کي غلط رنگ ڏئي،مخالفن کي غدار چوڻ جو موقعو فراهم ڪيو، جڏهن ته جبلن تي چڙهڻ سان سندن پنهنجو‎ نقصان ٿيو ۽ قومون تباهه ٿي ويون. آصف علي زرداريءَ آدمشماريءَ ۾ بلوچستان سان ناانصافيءَ جو اعتراف ڪندي چيو ته هو جيترو پاڪستان سان پيار ڪري ٿو اوترو ئي پيار کيس بلوچستان سان به آهي، صوبي ۾ قدرتي وسيلا ۽ زمين زرخيز آهي، هو غربت جو خاتمو آڻي خوشحالي آڻيندا. پ پ جي شريڪ چيئرمين پنهنجي صدارتي دور جا ڪارناما ڳڻائيندي چيو ته هن پارليامينٽ کي بااختيار بڻائيندي، پختونن کي سڃاڻپ فراهم ڪئي،مارشل لا جو مائينڊ سيٽ ختم ٿيڻ ۾ 20 سال لڳندا آهن. اڳوڻي صدر ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هٽ واڻيو اسانجو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،مستقبل ۾ پاڻيءَ تي جنگيون لڳي سگهن ٿيون،جڏهن ته پاڪستان هڪ ويڙهه طالبانائزيشن خلاف پڻ وڙهي رهيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پنهنجي خطاب ۾ سي پيڪ رٿا جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اقتصادي راهداري رٿا سڄي ملڪ لاءِ ٺهي رهي آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي شڪ آهن، سي پيڪ ذريعي چين کي گرم پاڻين تائين پهچ حاصل ٿيندي..........     (تاريخ: جمعو 07 اپريل 2017 ٽائيم: 15:34 )


Design & Developed by Aftab Tunio