Fri Aug 18 2017
تازا ترين:  
* *لاهور: اين اي 120 تي ڪاغذن جي ڇنڊڻ وارو عمل جاري * اليڪش ڪميشن پي ٽي آءِ جي اميدوار ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا * ڪلثوم نواز کي قانون جي پاسداري ڪرڻي پوندي: ياسمين راشد * ن ليگ جي ڪلثوم نواز تي 25اعتراض لڳايا آهن: ياسمين راشد * ڪلثوم نواز نامزدگي ڪاغذن ۾ حقيقتن کي لڪايوآهي:ياسمين راشد * نواز شريف جيان ڪلثوم نواز به ملڪيتون ظاهر ناهن ڪيون:ياسمين راشد * ڪلثوم نواز جا نامزدگي ڪاعذ رد ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي:ياسمين راشد * اميد ته 17 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿيندي:ياسمين راشد * اسلام آباد: پاڪستان ڊولپمينٽ ڪانفرنس ۽ ايڪسپو جو افتتاح * وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو تقريب کي خطاب * ستر سالن دوران ڪيترائي اهم ملڪ پٺتي تي هئا، جيڪي اسان کان اڳتي نڪري ويا: احسن اقبال * افغانستان به اسان کي پوئتي ڇڏڻ جي تياري ڪري رهيو آهي :احسن اقبال * پاڪستان جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ سوچ کي مثبت رکڻو پوندو * نوي جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جي شرح بلند ترين هئي: وفاقي گهرو وزير * جمهوريت جو تسلسل نه هجڻ تي ملڪ ترقي ڪري نه سگهيو، ٻن ٻن سالن دوران حڪومتون ختم ڪيون ويون: احسن اقبال * 90 جي ڏهاڪي کي غير مستحڪم ڪيو ويو: احسن اقبال * 1960بعد جاپان کان پوءِ پاڪستان کي اڀرندڙ معيشت چيو ويو * اسلام آباد: سرتاج عزيز جو قومي ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب * اڳتي وڌڻ لاءِ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو: سرتاج عزيز * پاڪستان جو ترقياتي سفر دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي: سرتاج عزيز * پاڪستان ستر سالن کان موسمي اثرن کي منهن ڏنو ، ملڪ قدرتي آفتن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏنو: سرتاج عزيز * لاهور: اين اي 120 جي نامزد اميدوار بيگم ڪلثوم نواز لنڊن رواني * ڪلثوم نواز کي اڄ رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيڻو هو * بيگم ڪلثوم نواز پي ڪي 757 ذريعي لنڊن رواني ٿي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 30 هزار جعلي ڀرتين واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو * تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق سميت سمورا آفيسر آجا قرار * تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين بابت جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي: وڌيڪ ضرورت ناهي: نيب * جعلي ڀرتين بابت شڪايتن ۾ سرڪاري آفيس استعمال نٿي نه ئي وري سرڪاري خزاني کي نقصان پهتو: نيب * سرگوڌا: هوائي فوج جو جهاز ڪري تباهه: ترجمان هوائي فوج * ايف سيون پي جي جهاز تربيتي اڏام تي هو سوگوڌا ويجهو ڪري تباهه ٿيو: هوائي فوج جو ترجمان * حادثي ۾ هڪ پائليٽ زخمي ٿيو پيو، ٻيو محفوظ رهيو: ترجمان هوائي فوج * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي * اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي درخواستن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي * جوابدارن پاران اينٽي ڪرپشن جي ڪيل جاچ کان اڻڄاڻائي ظاهر * اسڪيم 33 جي قيمتي زمين جو معاملو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ * عدالت اينٽي ڪرپشن کان 3 آڪٽوبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي * جوابدارن خلاف ريفرنس تيار آهي،لاڳاپيل عدالت ۾ داخل ڪنداسين:نيب * مورو: باءِ پاس وٽ مزدا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، اصغر کوسو فوت * اڏيرو لال: پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو *غوثپور:انڊس هاءِ وي تي هٿيارن جي زور تي ٽرڪ ڊرائيور ذوالفقار اغوا * هٿيار بندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ کي، روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي فائرنگ * گوليون لڳڻ سبب ڪوچ ڊرائيورمحمد سليم سخت زخمي،اسپتال منتقل

ڪراچي ۾ پيٽرول جي کوٽ بحراني ڪيفيت اختيار ڪري ورتي

ڪراچي ۾ پيٽرول جي کوٽ بحراني ڪيفيت اختيار ڪري ورتي

آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽر ايسوسي ايشن جي هڙتال سبب ڪراچي ۾ پيٽرول جي کوٽ بحراني ڪيفيت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پيٽرول پمپس بند آهن . آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽر ايسوسي ايشن جي هڙتال سبب شهر جي ڪيترن ئي پمپس تي پيٽرول جو بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب عوام پريشان آهي. ڪراچي ۾ ڊفينس، بلديا، صدر، گارڊن، لائينز ايريا سميت مختلف علائقن ۾ پمپس تي شهرين جي رش ڏسڻ ۾ آئي جتي شهري پيٽرول لاءِ گاڏين کانسواءِ وڌيڪ بحران جي خدشي کي نظر ۾ رکدني بوتلون ۽ وڏا ڪين کڻي لائينن ۾ بيٺل آهن. ان دوران شهرين وچ ۾ لائينن جي معاملي تي منهن ماري جا واقعا به پيش آيا آهن. ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول پمپ مالڪ مهانگي اگهه تي پيٽرول وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪلفٽن ۽ ڊفينس سميت شهر جي مختلف علائقن ڪياماڙي، ڪورنگي، سلطان آباد، شيرين جناح ڪالوني، اولڊ سٽي ايريا ۾ به پمپ بند ڪيا ويا آهن. پيٽرول ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر سميع خان ٻڌايو ته شهر جي 10 کان 20 سيڪڙو پيٽرول پمپس تي کوٽ جون شڪايتون مليون آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ صورتحال نارمل آهي. سندس چوڻ هو ته خانگي پيٽرول پمپن تي تيل جي فراهميءَ جو وڏو مسئلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام پيٽرول جي غير ضروري خريداري کان پاسو ڪري.....     (تاريخ: اڱارو 04 اپريل 2017 ٽائيم: 13:57 )


Design & Developed by Aftab Tunio