Wed May 24 2017
تازا ترين:  
* ‏(((اهم خبرون))) ڪراچي: مختلف علائقن ۾ رينجرز جون ڪارروايون، 11 جوابدار گرفتار * ناظم آباد مان 5 منگھو پير مان 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا: رينجرز * لياري واري علائقي مان 2 منشيات فروش گرفتار: رينجرز ترجمان * گرفتار جوابدارن ۾ ٻن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي :رينجرز ترجمان *گرفتار جوابدار مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن:رينجرز ترجمان*راولپنڊي: آرمي چيف جي صدارت هيٺ 75 هين سالياني فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس *پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان امن جو خواهشمند آهي:آرمي چيف * هر ملڪ کي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو :آرمي چيف قمر جاويد باجوه * ڪانفرنس۾پاڪ_افغان بارڊر مئنيجمينٽ تي غور ويچار:آءِايس پي آر * سي پيڪ منصوبي جي سڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو ويو :آءِ ايس پي آر * آرمي چيف کي جيو اسٽريٽجڪ ۽ آپريشن تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي :آءِ ايس پي آر * ڪانفرنس ۾ فاٽا سڌارن تي غور ويچار ڪيو ويو :آءِ ايس پي آر * اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي:قمر جاويد باجوا * عوام جي سهڪار سان پرامن ماحول پهرين جيان بڻائبو:آرمي چيف * اسلام آباد : سڄي ملڪ ۾ آدمشماري جو ڪم مڪمل ڪيو ويو : شماريات کاتو 20 ڪروڙ عوام کي ڳڻڻ آسان ڪم نه هو : شماريات کاتي جو سربراهه آصف باجوا *آدم شماري ۾ 3127 عورتن به حصو ورتو: حبيب ملڪ *آدم شماري ۾ گهٽ آبادي رکندڙ مذهبن کي شمار نه ڪيو ويو :آصف باجوا *آدمشماري ۾ 6 مذهب ۽ 9 ٻولين کي شمار ڪيو ويو :آصف باجوا * اسلام آباد: وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار سان گورنر سنڌ محمد زبير جي ملاقات * سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت ۽ امن امان جي صورتحال بابت اگاهه ڪيو * ڪراچي ۾ آپريشن کان پوءِ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي:گورنر سنڌ محمد زبير *وفاقي حڪومت سنڌ ۾ اقتصادي ترقي کي مڪمل سپورٽ ڪندي :اسحاق ڊار *سڀني صوبن جي ترقياتي منصوبن لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا ويا آهن: وفاقي وزير اسحاق ڊار* ملير: پپري ۾ هٿياربند، نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو*شهرين جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران روزمره جي شين ۾ اگهه ۾ واڌ جو نوٽيس * ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن کي ڊي سيز سان گڏ اگهن تي ڪنٽرول جي هدايت *اسلام آباد : ڪيترائي ماڻهو نواز ليگ ڇڏڻ چاهين ٿا :عمران خان * مسلم ليگ نواز جا ڪيترائي ماڻهو اسان سان رابطي ۾ آهن:عمران خان* اهي جيترا معصوم لڳن ٿا، ايترا ئي ظالم آهن:پي ٽي آءِ سربراهه * ٽرمپ سان هٿ ملايو ته ڇا؟ نواز شريف جنت ۾ هليو ويو:عمران خان * عوام مون کي 40 سالن کان سڃاڻي ٿو:عمران خان * ٽرمپ کان گھڻو پروٽوڪول ايوب خان کي سعودي عرب ۾ مليو هو * سوشل ميڊيا تي اظهار جي آزادي کي دٻائي نٿو سگهجي:عمران خان * شريف خاندان جي ظلم جا وڏا داستان آهن : عمران خان * مسلم ليگ نواز جي انتقامي ڪاررواين کان نٿا ڊڄون:عمران خان * مون ٻڌو آهي ته حسن نواز جي آءِ ٽي جي ٻن ميمبرن تي اعتراض واريا آهن:عمران خان * جي آءِ ٽي تي اعتراض ته اسان کي ڪرڻ گهرجي :عمران خان * نواز شريف سان جيڪوڪجهه ٿيو سموري قوم کي خبر آهي:عمران خان *ڪوئيٽا : قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي ڪارروائي، 3دهشتگرد گرفتار* شاهه نوراني ڌماڪي ۾ ملوث ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو :سرفراز بگٽي * سيڪريٽري هائير ايجوڪيشن جي اغوا معاملي بابت ڄاڻ ملي وئي آهي :سرفراز بگٽي * ڪراچي: اينٽي ڪرپشن پوليس جي ڪارروائي، ڊائريڪٽر ڪچي آبادي سميت 3 جوابدار گرفتار * ايف آءِ آر ۾ نامزد 6 جوابدارن خلاف مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا: اينٽي ڪرپشن پوليس * جوابدرن تي ڪچي آبادي ڪلفٽن ۾غير قانوني عمارتون ٺاهڻ جوالزام آهي: پوليس 12عمارتن جو ڪم آخري مرحلي ۾آهي:ڊائريڪٽر عثمان غني صديقي *اسلام آباد: ڊان ليڪس رپورٽ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو :چوڌري نثار * ڊان ليڪس جي رپورٽ تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي:چوڌري نثار * سوشل ميڊيا جي اهميت کان انڪار نه آهي، پر ضابطو ضروري آهي: چوڌري نثار * سوشل ميڊيا تي وڏي تعداد ۾ توهين آميز مواد سامهون آيو :چوڌري نثار * سوشل ميڊيا تي ڪو به اصلي يا جعلي اڪائونٽ ٺاهي سگھي ٿو * صحافي تنظيمن جي نمائندن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي:چوڌري نثار *سوشل ميڊيا تي ڪا به غلط خبر ڏئي سگهجي ٿي: وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار * سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجھه ڏٺو اهو حيران ڪندڙ آهي:چوڌري نثار * اظهار جي آزادي تي ڪابه پاپندي نه لڳائي وئي آهي:چوڌري نثار * سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت سوشل ميڊيا تي نظر رکڻ ضروري آهي: چوڌري نثار *توهين آميز مواد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي :چوڌري نثار * سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف مواد رکڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪبي:چوڌري نثار * ناقابل مواد رکڻ وارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين:چوڌري نثار * جنهن به فوج ۽ عدليه خلاف ٽوئيٽ ڪيو پڪڙيو ويو:چوڌري نثار * سوشل ميڊيا تي ڇڙواڳي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪبي:چوڌري نثار *ڪراچي:صدر پ پ سنڌ نثار کهڙو ۽ وقار مهدي جي پريس ڪانفرنس * وزيراعظم سان استعيفيٰ وارو مطالبو اسان جو جمهوري حق آهي:نثار کهڙو * پيپلزپارٽي حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪئي آهي:نثار کهڙو * حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي:نثار کهڙو* پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي:نثارکهڙو * ڪلڀوشن معاملي تي پاڪستان کي جج موڪلڻ جو چيو هو:نثارکهڙو *ڪو وقت هو سنڌ صوبي کي اشارن تي هلايو ويندو هو:نثار کهڙو *مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پ پ ۾ شموليت ڪئي آهي:نثارکهڙو *خورشيد شاهه وزيراعظم کي بچائڻ جي ڳالهه نه ڪئي:نثار کهڙو *موجوده حڪومت اين ايف سي نه ڏئي جنرل ضياءِ ۽ پرويز مشرف جي روايت برقرار رکي آهي:نثارکهڙو *اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن طرفان پارٽين جي اثاثن ۽آمدني جا تفصيل ظاهر * نواز ليگ آمدني 32 ڪروڙ رپيا ظاهر ڪئي آهي: اليڪشن ڪميشن * ن ليگ 2016 ۾ پنجاب کي 55لک منتقل ڪيا:اليڪشن ڪميشن *ق ليگ 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا :اليڪشن ڪميشن *راولپنڊي : پاڪ فوج طرفان ڀارتي فوجي چوڪيون تباهه ڪرڻ وارو الزام غلط آهي:آءِ ايس پي آر * ايل او سي تي ڀارت طرفان فائرنگ جا الزام ڪوڙا آهن:آءِ ايس پي آر * پاڪ فوج شهري آبادي تي فائرنگ نه ڪئي آهي: آءِ ايس پي آر * نوشهره ۾ چيڪ پوسٽ تباهه ڪرڻ وارو الزام ڪوڙو آهي:آءِ ايس پي آر * ڪراچي: سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار،3 وزيرن کي واڌو قلمدان ڏنا ويا،نوٽيفڪيشن جاري * سهيل انور سيال کي گهرو کاتو، ناصر شاهه کي سڌ سماءَ جو قلمدان ڏنو ويو * سڪندر منڌرو کي عشر زڪوات ۽ مذهبي معاملن جو قلمدان ملي ويو * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ترقياتي فنڊ جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي، سنڌ حڪومت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو * سورٺ ٿيٻو کي 40 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن:ناڻو کاتو * باقي رقم به جلد جاري ڪئي ويندي: ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ * اسان کي وڌيڪ 60 ملين جاري نه ڪيا ويا آهن :درخواستگذار جو وڪيل * ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ بجيٽ 18-2017 بابت اجلاس، نئون بجيٽ عوام جي خواهشن مطابق هوندو: وڏو وزير * ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو: مراد علي شاهه * ڪوشش هوندي ته جاري اهم ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪيو وڃي: مراد علي شاهه * ڪراچيءَ لاءِ هڪ وڌيڪ ترقياتي پئڪيج ڏينداسين: وڏو وزير * تعليم ۽ صحت تي خاص توجهه ڏنو ويندو، عورتن لاءِ ڪجهه نوان منصوبا شروع ڪيا ويندا: مراد علي شاهه * نئون مالي سال ترقي، روزگار، تعليم ۽ بهتر صحت جو سال هوندو: مراد علي شاهه * ((مقامي خبرون)) قمبر: دينار ٻرڙو ۾25ورهين جي ريشمان گولي لڳڻ سبب فوت * پوليس شڪ جي بنياد تي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو * سرهاڙي: دوڙ ويجھو ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ٽڪر، هڪ فوت،3زخمي * حادثي ۾مشتاق کوسو فوت، 3 عورتون زخمي ٿي پيون،اسپتال منتقل *حيدرآباد: ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جو مبينا مقابلو ، مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري علي حسن زخمي حالت ۾ گرفتار *شهدادپور: ڪراچي کان لاهور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس انجڻ فيل ٿي وڃڻ سبب 3 ڪلاڪ کان اسٽيشن تي بيٺل، مسافر پريشان *حب: اورناچ ڪراس ويجھو مزدور علي شير تي کنوڻ ڪرڻ سبب فوت، لاش نوابشاهه منتقل:ايڌي ذريعا* ڪراچي:ڪورنگي ڀٽائي ڪالوني فائرنگ،پنج ڄڻا زخمي :ريسڪيو ذريعا *ميهڙ:باءِ پاس ويجھو نوجوان جو لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *واهي پانڌي:کيرٿر جي علائقي ۾ برسات ،موسم خوشگوار،رهواسين ۾ خوشي جي لهر *ٽنڊو آدم: ڪنر آئل فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سوين مقامي ماڻهن جي کيسانا موري کان ريلي، ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو ڌرڻو *ڪوٽڙي: نانگو لائن ڪالوني بلديا جي گٽر واري کوھن مان ٻار جو لاش ھٿ *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل، سڃاڻپ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو * ڪراچي: مانجهي پور، وڳڻ، روهڙي ، شڪارپور، گھوٽڪي، قادرپور، گڊو، غوثپور واران علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ مٽيءَ جو طوفان،موصلاتي نظام درهم برهم * محبت: ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ چئن گهرن کي باهه ، الهه تلهه سڙي رک* شهدادڪوٽ: نور محمد اسڪول ويجھو ڪچري جي ڍير تان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ *نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، 7 ڄڻا زخمي *

	پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين مئچ اڄ ڪوئين پارڪ اوول ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين مئچ اڄ ڪوئين پارڪ اوول ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين مئچ اڄ ڪوئين پارڪ اوول ۾ کيڏي ويندي، قومي ٽيم کي اڳواٽ ئي سيريز ۾ ٻه –ٻـُڙي جي برتري حاصل آهي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي مئچ ڪوئين پارڪ اوول ۾ پاڪستاني وقت موجب رات ساڍي نائين وڳي شروع ٿيندي.. پاڪستان ميزبان ٽيم کي ٻي مئچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ آخري اوور ۾ ٽن رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته پهرين مئچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ملي هئي. ٻنهي مئچز ۾ نوجوان ليگ اسپنر شاداب خان مين آف دي مئچ رهيو، هن شاندار بالنگ ڪري 21 رنسن تي 7 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. سرفراز اليون ڪوئين پارڪ اوول ۾ ٿيندڙ اڄوڪي مئچ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ پـُرعزم آهي جڏهن ته قومي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪرڻ جو امڪان آهي...............     (تاريخ: ڇنڇر 01 اپريل 2017 ٽائيم: 15:09 )


Design & Developed by Aftab Tunio