Tue Mar 28 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي: * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس جاري * اجلاس ۾ ڪابينا جا وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ اجلاس ۾ شريڪ * اجلاس ۾تجويز ڪيل ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ * اجلاس ۾ شهيدن اهلڪارن جي وارثن لاءِ مالي مدد ۽ ٻين تجويزن تي غور * شهيد جي وارثن کي معاوضي کان سواءِ 2 نوڪريون ڏيڻ تي غور * جنهن شهيد اهلڪار جا قانوني وارث ناهن ان جي بيواهه کي معاوضو وڌائي ڏنو وڃي: تجويز * صوبي ۽ عوام لاءِ قرباني ڏيندڙن جي خاندان کي تحفظ ڏيڻو آهي:وڏو وزير مراد علي شاهه * دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۾ ترميم ۽ تجويزن تي غور ويچار* شڪارپور: خانپور واقعي جي آپگهاتي بمبار کي ڦاهي ۽ قيد جي سزا * دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار عثمان پٺاڻ کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي * جوابدار عثمان بروهي21 سال قيد جي سزا پڻ ڀوڳيندو * عدالت حفيظ بروهي، جان بروهي ۽ مسعود بروهي سميت ڏهن جوابدارن کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي * اسلام آباد: چيني سفير جو ايڪسي لينس سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب * ساڍن 18 ارب ڊالرن جي 18 منصوبن تي ڪم جاري آهي: سن وي ڊونگ * سي پيڪ جي منصوبن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو: سن وي ڊونگ * عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معاشي ترقي جو اعتراف ڪري چڪا آهن: سن وي ڊونگ * پاڪستان ۾ توانائي بحران تي ڪافي حد تائين ضابطو آيو آهي: چيني سفير * منصوبا مڪمل ٿيڻ سان 11 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي: چيني سفير سن وي ڊونگ * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي * جوابدار خان محمد چاچڙ جي ضمانت لاءِ درخواست جي ٻڌڻي، جوابدار جي وڪيل دليل ڏيڻ وقت گهري ورتو * شاهدن جي لسٽ ۽ بيان جا نقل پيش ڪرڻا آهن، مهلت ڏني وڃي: درخواستگذار جو وڪيل * ٻڌڻي تي رينجرز جو اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مشتاق جهانگيري پيش * جوابدار خلاف ڊفينس ٿاني تي خطرناڪ هٿيار هٿ اچڻ جو ڪيس داخل آهي * جوابدار جي نشاندهي تي رينجرز گذري قبرستان مان هٿيار هٿ ڪيا هئا * دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪري چڪي آهي * عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي* حيدرآباد: وزيراعظم نواز شريف اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي حيدرآباد پهچي رهيو آهي * وزيراعظم نواز شريف شهرين ۾هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ سان گڏ مختلف منصوبن جو افتتاح پڻ ڪندو * ڪراچي: ناظم آباد واري علائقي عيد گاهه ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا * زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو * مالا ڪنڊ ايجنسي: سخا ڪوٽ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، 4 زخمي * لاشن ۽ زخمين کي درگئي اسپتال منتقل ڪيو ويو: پوليس * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي * منهنجو پٽ ظفرالله گذريل سال کان گم آهي:درخواستگذار * سهراب ڳوٺ مان سادا لباس پهريل اهلڪار پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا * پوليس ٿاڻن جا چڪر لڳايا پر پٽ جو ڏس پتو نه مليو:درخواستگذار * گهرو سيڪريٽري ڇا پيو ڪري: عدالت جي گهرو کاتي جي آفيسر کي ڇنڊ * لڳي ٿو ته گهرو سيڪريٽري کي ذاتي طور طلب ڪرڻو پوندو: عدالت * گهرو کاتو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪم تيز ڪري: عدالتي حڪم * عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي * سنڌ سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماريءَ جو سلسلو ڏهين ڏينهن به جاري، ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ۽ ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي،ڪيترن ئي علائقن ۾ آدمشماري ٽيمون اڃا تائين نه پهتيون ‏ * نئون ديرو: غريب آباد پاڙي مان ڇهين ڪلاس جو شاگرد ذاڪر ڀرچونڊ پرسرار نموني گم، ٿاڻي تي اين سي سي داخل * جيڪب آباد: ڦول باغ پاڙي مان معذور ناري جو تشدد ٿيل لاش هٿ * امامزادي کي قتل ڪري لاش گهر ويجهو پلاٽ ۾ دفنايو ويو هو:پوليس* ميهڙ: مدينا ڪالوني ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک * ميهڙ:پوليس جي مبينا زيادتين خلاف سوڍر برادري جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو * ڊي ايس پي جي خاطري بعد مظاهرو ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو * ڪراچي: بوٽ بيسن ويجهو ٽريفڪ حادثو، 4 عورتون زخمي * مورو: قومي شاهراهه تي مبينا پوليس مقابلو، 2 ڦورو مشتاق سنگراسي ۽ وحيد چانڊيو زخمي حالت ۾ گرفتار، 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا: پوليس

ملڪ ۾ سياستدانن جي گرفتاري ۽ آزاديءَ جو سلسلو جاري آهي،،،

ملڪ ۾ سياستدانن جي گرفتاري ۽ آزاديءَ جو سلسلو جاري آهي،،،

ملڪ ۾ سياستدانن جي گرفتاري ۽ آزاديءَ جو سلسلو جاري آهي،،، فاروق ستار کانپوءِ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي به گرفتاري بعد آزاد ڪيو ويو،،، شرجيل انعام ميمڻ پاڻ مٿان لڳل اربين رپين جي ڪرپشن جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پاناما وارن لاءِ ڌار ڌار قانون آهن،نيب ۽ ايف آءِ اي رڳو پ پ خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، کيس ٻڌڻ کانسواءِ ئي سندس خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو ملڪ ۾ سياستدانن جي گرفتاري ۽ ڪجهه دير بعد آزاديءَ جو سلسلو جاري آهي،فاروق ستار کانپوءِ سنڌ جي اطلاعات واري اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي به گرفتاري جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ آزاد ڪيو ويو اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پوڻن ٻن سالن جي پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري گذريل رات جيئن ئي دبئي کان اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو ته نيب عملدارن کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو سادا ڪپڙا پهريل نيب جي اهلڪارن شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهن ماري پڻ ٿي پئي، جنهن دوران ٻئي ڌريون هٿين پڻ پئجي ويون ذريعن موجب، نيب اڍائي ڪلاڪن تائين شرجيل ميمڻ کان پڇاڳاڇا ڪئي ۽ ضمانتي دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ کيس آزاد ڪري ڇڏيو دبئيءَ مان واپسي تي مڪيش ڪمار چاولا ،فياض ٻٽ، تيمور ٽالپور ۽ امداد پتافي به شرجيل ميمڻ سان گڏ هئا آزاديءَ بعد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ پاڻ مٿان لڳل اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام رد ڪيا شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته اسلام آباد ايئرپورٽ تان سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن کيس گرفتار ڪيو ۽ ساڻس بدتميزي ڪئي وئي سنڌ جي اطلاعات واري اڳوڻي وزير چيو ته مٿس اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام مڙهيا ويا، ملڪ ۾ پ پ ۽ ن ليگ لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، ايف آءِ اي ۽ نيب جا ادارا رڳو پيپلز پارٽيءَ خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته پاناما ڪيس ۾ نامزد ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڇو ناهن ڪيا ويا اڳوڻي صوبائي وزير موجب هو طبعيت خراب هئڻ سبب هو پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ ويو هو،ڊاڪٽرن سندس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو،،،آڪٽوبر 2016ع ۾ سندس خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو،هو ملڪ ۾ هو موجود ئي نه هو ته مٿس ريفرنس ڪيئن داخل ڪيو ويو شرجيل ميمڻ پاڻ مٿان لڳايل سمورن الزامن کي عدالتن ۾ منهن ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته کيس خبر آهي ته نيب جو ڪردار ڇا آهي،هو سمورن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي هن وڌيڪ چيو ته سندس گهر مان 2 ارب رپيا هٿ اچڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، هو چيلينج ڪري ٿو ته اهي 2 ارب رپيا ظاهر ڪيا وڃن اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پوڻن 2 سالن کان دبئي ۾ ترسيل هو..............     (تاريخ: آچر 19 مارچ 2017 ٽائيم: 23:06 )


Design & Developed by Aftab Tunio