Fri Jun 23 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي:پي ٽي آءِ سربراھھ عمران خان جو جلسي کي خطاب *سڄي قوم کي قومي ٽيم جي فتح تي واڌايون ڏيان ٿو:عمران خان *قومي ٽيم قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي:پي ٽي آءِ سربراھھ عمران خان *قوم جي پيسن مان دبئي ۾ محل اڏيا وڃن ٿا:عمران خان *ليڊر ارب پتي بڻجي ويا قوم پاڻي لاءِ سڪي ٿي:عمران خان *جيڪي پيساقوم لاءِ خرچ ٿيڻ گھرجن اھي ليڊرن جي کيسن۾ويا:عمران *شريف ڪٽنب 30ورھين کان ملڪ کي لٽي ڦري رھيو آھي:عمران خان *ڪراچي:گھرو وزير سھيل انور سيال لياري ۾ ٿيل دستي بم حملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *گھرو وزير پاران پوليس کي فوري طور واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم *اوول: پاڪستان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي پھريون ڀيرو آءِ سي سي ٽرافي جو چيمپيئن بڻجي ويو * راولپنڊي: آرمي چيف پاران قومي ٽيم کي تاريخي فتح تي واڌايون * آرمي چيف پاران رانديگرن کي عمرو ڪرائڻ جو اعلان *ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري پاران قومي ٽيم کي فتح تي واڌايون *قومي ٽيم محنت ڪري فتح حاصل ڪئي آھي:پ پ چيئرمين بلاول *پاڪستاني جذبي سان ڪوبھ ڪم ڪندا آھن تھ سرخرو ٿينداآھن:بلاول *صوبائي وزيرمڪيش چاولا ۽ فياض ٻٽ پاران بھ قومي ٽيم کي واڌايون *صوبائي وزير ڄام مھتاب ڏھر پاران قومي ٽيم کي فتح تي واڌايون * جلال آباد: افغانستان مان پاڪستان قونصل خاني جا 2 عملدار لاپتا * معاملي بابت ڄاڻ آهي: پرڏيهي کاتي جو ترجمان * افغانستان پاڪستاني سفارتخاني سان رابطي ۾ آهيون:ترجمان * ٻئي عملدار 16 جون تي روڊ رستي پاڪستان اچي رهيا هئا گم ٿيا * آفيسرن جي بازيابي لاءِ افغانستان ۾ 3 ٽيمون جوڙيون آهن: ترجمان * ڪراچي: موسميات کاتي مذهبي معاملن واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو * عيد جو چنڊ 25 جون تي نظر اچڻ جو واضح امڪان آهي:موسميات کاتو * شوال جو چنڊ سج لهڻ بعد 8:42منٽن تائين ڏسي سگهجي ٿو:موسميات کاتو * چنڊ جي عمر 25 جون تي سج لهڻ وقت 36 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي:موسميات کاتو * 25جون تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ چنڊ ڏسي سگهبو: موسميات کاتو * ملڪ جي اڪثر حصن ۾ 25 جون تي صاف يا جهڙالي رهندي:موسميات کاتو * ڪابل: پڪتيا صوبي ۾ پوليس هيڊڪوارٽر تي آپگهاتي حملو * آپگهاتي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا: افغان ميڊيا * جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد به مارجي ويا، مقابلو جاري* ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ڪي اليڪٽرڪ اختيارين سان رابطو* وڏي وزير پاران ڪي اليڪٽرڪ کي پاڪ-ڀارت مئچ دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت: وڏو وزير مراد علي شاهه*آچر تي آفيسون ۽ ڪارخانا بند هوندا آهن، رهائشي علائقن ۾ترجيح جي بنياد تي بجلي ڏني وڃي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت * (((مقامي خبرون))) ڪراچي:لياري جي علائقي چاڪيواڙا ۾ دستي بم حملو *ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4ڄڻا زخمي، سول اسپتال منتقل *خانپور:ڳوٺ ڳڙھي سيد ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب 5ورھين جي نينگري نجما شر فوت *ٺاروشاھھ: درٻيلو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 40ورھين جي شانل سوڍر فوت *لاڙڪاڻو: جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾جھيڙو،فائرنگ، 11ڄڻا زخمي *ٺاروشاھھ:پاڪستان-ڀارت ميچ دوران ھلندڙ فينسي جوا تي پوليس ڇاپو ھڻي 4ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو *خانپور:17ڏينھن اڳ ڳوٺ جان محمد ڏاھاڻي مان اغوا ٿي ويل عبدالنبي ڏاھاڻي بازياب ٿي گھر پھچي ويو،وارثن ۾ خوشيءَ جي لھر *ھنڱورجا:کپرو ۾ نياڻي سان زيادتي ۽ لاڙڪاڻي چانڊڪا يونيورسٽي ۾ سنڌ جي نقشي کي مسمار ڪرڻ خلاف جسقم ضلعي خيرپور پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو * شڪارپور: ڳوٺ زرخيل ۾ زميني تڪرار تان جتوئي ۽ پٺاڻ برادري ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل * ٺل:باگڙ لاڙي وٽ ٽريڪٽر ڪلٽي، چاچو ۽ ڀائيٽو فوت، 2 زخمي * فوتين ۾ 35 ورهين جو گل خان ۽ 5 سالن جو عبدالوحيد جعفري شامل* شڪارپور:نبي شاهه پاڙي ۾ گرمي لڳڻ سبب زينب عباسي فوت* تنگواڻي: نظر واهه اسٽاپ وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي * خانپور: ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو ۾ زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل * جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب عبدالله ڪلهوڙو مارجي ويو * پيرڳوٺ: ڳوٺ ڇتن شاهه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل * هٿياربندن گوليون هڻي صوبل ککراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو * بدين: ڳوٺ رحيم سومرو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب عبدالله عمراڻي فوت * پيرڳوٺ: مهينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب * عبدالشڪور جمالي بازياب ٿي گهر پهچي ويو * عبدالشڪور راڄوڻي ڪوششن ذريعي بخشاپور مان بازياب ڪرايو* سيتاروڊ: وارڊ نمبر 3 ملاح برادري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي * دادو: لال ايڌي قبرستان وٽان 26 ورهين جي هيروئني جو لاش هٿ * موهن جو دڙو:دادوڪينال ۾ خود ڪشي ڪندڙ ناري جو لاش هٿ * مسمات ا’شاد جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو *ڏوڪري:آئسڪريم ٺاهيندڙ ڪارخاني تي ڇاپو، مالڪ گرفتار * ناقص مٽيريل جي استعمال جي اطلاع تي پوليس ڇاپو هنيو * ڪارخاني مالڪ عبدالغفار آرائين ۽ عيسيٰ کوکر گرفتار * روهڙي: رمضان آرڊيننس تي عمل نه ٿيو، مختلف علائقن ۾ هوٽل کليل * ميهڙ: بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ڌوٻي جي دڪان کي باهه، سوين ڪپڙن جا جوڙا سڙي ويا * ڪنب: ڳوٺ نواب ڪيريو جي رهواسين جو بئراج مختيارڪار خيرپور جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو * راڻيپور: ڳوٺ آباد وساڻ ۾ ٽن گهرن مان لکين رپين جي چوري، 2 ڄڻا گرفتار، واقعي خلاف ڏهر برادري جو احتجاجي مظاهرو * ميرپوربٺورو: بااثر جي مبينا زيادتين خلاف کاڙڪ برادري جو احتجاجي مظاهرو * شڪارپور: شهيد الله بخش سومرو سٽي ون، سٽي ٽو سميت 8 فيڊرن جي بجلي گذريل 10 ڪلاڪن کان بند، ڪاروهنوار ٺپ، علائقي واسي پريشان * پيرومل: ميگهواڙ برادري جو بااثر جي مبينا زيادتين خلاف مظاهرو * جوهي: اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف تحريڪ انصاف جو احتجاجي مظاهرو * شڪارپور: درگاهه سيد شهيد ملنگ بابا جي مريدن جو پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميا خلاف مظاهرو * دولتپور: کپرو ۾ نياڻي جي تذليل ڪرڻ خلاف جسقم جو احتجاجي مظاهرو*

وزيراعظم جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن سنڌ جو اجلاس، ڪراچي جو امن بحال ٿيڻ تائين سک سان ويهبو:نواز شريف

وزيراعظم جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن سنڌ جو اجلاس، ڪراچي جو امن بحال ٿيڻ تائين سک سان ويهبو:نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ نون ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اندر ڀرپور حصو وٺندي، ڪي فور منصوبي لاءِ 50 سيڪڙو رقم وفاق ڏيندو،ڪراچي جو امن بحال ٿيڻ تائين سک سان ويهبو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ نواز جي مقامي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تنظيمي معاملن ۽ ترقياتي ڪمن تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن وزيراعظم کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ سنڌ خاص طور ڪراچي جي مسئلن کان به آگاهي ڏني. اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ ٽريفڪ ۽ صفائي جي نظام تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي جي ترقي جي رفتار 70 جي ڏهاڪي واري رهي هـُجي اڄ ايشيا جو شاندار ترين شهر هجي ها. نواز شريف چيو ته ڪراچي پرامن شهر هو، خبر ناهي ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي،پهريان ڪراچي کي ٻيهر روشنين ڏانهن آندو ويندو،2013ع ۾ سڀني کي اعتماد ۾ وٺي آپريشن شروع ڪيو جنهن سبب هاڻي صورتحال بهتر آهي. وزيراعظم چيو ته هنن صوبائي حڪومت جون ذميواريون به پاڻ کنيون آهن، موٽر وي کي 1999ع ۾ روڪيو ويو هو پر هنن 2013ع ۾ ٻيهر ڪم شروڪ ڪيو. هن چيو ته ڪراچي –حيدرآباد ۽ سکر – لاهور موٽر وي تي ڪم جاري آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو سي پيڪ ۾ شامل ٿي چڪو آهي ان پراجيڪٽ تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي واري منصوبي ڪي فور لاءِ وفاق 50 سيڪڙو رقم ڏيندو، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ به ترقي جو ڄار وڇايو پيو وڃي،2018ع ۾ سڄي سنڌ ۾ ڀرپور طريقي سان اليڪشن ۾ حصو ورتو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ رابطا شروع ڪيا ويا آهن........ وزيراعظم ميان نواز شرف جي صدارت هيٺ صدارت گورنر هائوس ڪراچي ۾ مسلم ليگ نون سنڌ جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي نواز شريف ، سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ صفائي ۽ ٽريفڪ نظام تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. وزير اعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سرڪلر ريلوي تي تمام جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. وزير اعظم نواز شريف وچن ورجائيندي چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿيڻ تائين هو سک جو ساهه نه کڻندا.     (تاريخ: اڱارو 14 مارچ 2017 ٽائيم: 17:15 )


Design & Developed by Aftab Tunio