Tue Mar 28 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي: * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس جاري * اجلاس ۾ ڪابينا جا وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ اجلاس ۾ شريڪ * اجلاس ۾تجويز ڪيل ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ * اجلاس ۾ شهيدن اهلڪارن جي وارثن لاءِ مالي مدد ۽ ٻين تجويزن تي غور * شهيد جي وارثن کي معاوضي کان سواءِ 2 نوڪريون ڏيڻ تي غور * جنهن شهيد اهلڪار جا قانوني وارث ناهن ان جي بيواهه کي معاوضو وڌائي ڏنو وڃي: تجويز * صوبي ۽ عوام لاءِ قرباني ڏيندڙن جي خاندان کي تحفظ ڏيڻو آهي:وڏو وزير مراد علي شاهه * دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۾ ترميم ۽ تجويزن تي غور ويچار* شڪارپور: خانپور واقعي جي آپگهاتي بمبار کي ڦاهي ۽ قيد جي سزا * دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار عثمان پٺاڻ کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي * جوابدار عثمان بروهي21 سال قيد جي سزا پڻ ڀوڳيندو * عدالت حفيظ بروهي، جان بروهي ۽ مسعود بروهي سميت ڏهن جوابدارن کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي * اسلام آباد: چيني سفير جو ايڪسي لينس سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب * ساڍن 18 ارب ڊالرن جي 18 منصوبن تي ڪم جاري آهي: سن وي ڊونگ * سي پيڪ جي منصوبن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو: سن وي ڊونگ * عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معاشي ترقي جو اعتراف ڪري چڪا آهن: سن وي ڊونگ * پاڪستان ۾ توانائي بحران تي ڪافي حد تائين ضابطو آيو آهي: چيني سفير * منصوبا مڪمل ٿيڻ سان 11 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي: چيني سفير سن وي ڊونگ * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي * جوابدار خان محمد چاچڙ جي ضمانت لاءِ درخواست جي ٻڌڻي، جوابدار جي وڪيل دليل ڏيڻ وقت گهري ورتو * شاهدن جي لسٽ ۽ بيان جا نقل پيش ڪرڻا آهن، مهلت ڏني وڃي: درخواستگذار جو وڪيل * ٻڌڻي تي رينجرز جو اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مشتاق جهانگيري پيش * جوابدار خلاف ڊفينس ٿاني تي خطرناڪ هٿيار هٿ اچڻ جو ڪيس داخل آهي * جوابدار جي نشاندهي تي رينجرز گذري قبرستان مان هٿيار هٿ ڪيا هئا * دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪري چڪي آهي * عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي* حيدرآباد: وزيراعظم نواز شريف اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي حيدرآباد پهچي رهيو آهي * وزيراعظم نواز شريف شهرين ۾هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ سان گڏ مختلف منصوبن جو افتتاح پڻ ڪندو * ڪراچي: ناظم آباد واري علائقي عيد گاهه ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا * زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو * مالا ڪنڊ ايجنسي: سخا ڪوٽ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، 4 زخمي * لاشن ۽ زخمين کي درگئي اسپتال منتقل ڪيو ويو: پوليس * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي * منهنجو پٽ ظفرالله گذريل سال کان گم آهي:درخواستگذار * سهراب ڳوٺ مان سادا لباس پهريل اهلڪار پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا * پوليس ٿاڻن جا چڪر لڳايا پر پٽ جو ڏس پتو نه مليو:درخواستگذار * گهرو سيڪريٽري ڇا پيو ڪري: عدالت جي گهرو کاتي جي آفيسر کي ڇنڊ * لڳي ٿو ته گهرو سيڪريٽري کي ذاتي طور طلب ڪرڻو پوندو: عدالت * گهرو کاتو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪم تيز ڪري: عدالتي حڪم * عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي * سنڌ سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماريءَ جو سلسلو ڏهين ڏينهن به جاري، ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ۽ ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي،ڪيترن ئي علائقن ۾ آدمشماري ٽيمون اڃا تائين نه پهتيون ‏ * نئون ديرو: غريب آباد پاڙي مان ڇهين ڪلاس جو شاگرد ذاڪر ڀرچونڊ پرسرار نموني گم، ٿاڻي تي اين سي سي داخل * جيڪب آباد: ڦول باغ پاڙي مان معذور ناري جو تشدد ٿيل لاش هٿ * امامزادي کي قتل ڪري لاش گهر ويجهو پلاٽ ۾ دفنايو ويو هو:پوليس* ميهڙ: مدينا ڪالوني ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک * ميهڙ:پوليس جي مبينا زيادتين خلاف سوڍر برادري جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو * ڊي ايس پي جي خاطري بعد مظاهرو ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو * ڪراچي: بوٽ بيسن ويجهو ٽريفڪ حادثو، 4 عورتون زخمي * مورو: قومي شاهراهه تي مبينا پوليس مقابلو، 2 ڦورو مشتاق سنگراسي ۽ وحيد چانڊيو زخمي حالت ۾ گرفتار، 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا: پوليس

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، 7 مسلمان ملڪن لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ڪري ڇڏيا

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، 7 مسلمان ملڪن لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ڪري ڇڏيا

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، 7 مسلمان ملڪن لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ڪري ڇڏيا،ٽرمپ آمريڪا ايندڙ ماڻهن جي سخت جاچ پڙتال جي آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي. ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران ئي بار بار اهو ئي چوندو رهيو هو ته جيڪڏهن هـُو صدر بڻجي ويندو ته دهشتگردي جي شڪار ملڪن مان ايندڙ ماڻهن جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ويندي ۽ ان صدارتي حڪم سان گڏ هن پنهنجي واعدي کي حقيقت جو روپ ڏئي ڇڏيو. وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب “قومي تحفظ لاءِ پرڏيهي دهشتگردن جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي” جي عنوان سان خاص صدارتي حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. حڪم نامي تحت شام، ايران، عراق، سوڊان، ليبيا، يمن ۽ صوماليا جي شهرين کي ايندڙ 90 ڏينهن تائين آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ان کانسواءِ آمريڪا جو “رفيوجي ايڊميشن پروگرام” به ايندڙ 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. ٽرمپ جو منصوبو 2017ع جي مالي سال ۾ آمريڪا ايندڙ شامي پناهگيرن جو انگ گهٽ ڪري پنجاهه هزار تائين ڪرڻ آهي جيڪو مالي سال 2016ع ۾ هڪ لک 10 هزار هو...     (تاريخ: ڇنڇر 28 جنوري 2017 ٽائيم: 11:17 )


Design & Developed by Aftab Tunio