Tue Aug 22 2017
تازا ترين:  
* * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور پهچي ويو * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ڪندو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ جاري * قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪري ورتو * مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد جو ايوان ۾ خطاب * قومي اسيمبلي ۾ ڪورم ڏسي شرم اچي رهيو آهي: خورشيد شاهه * اسپيڪر صاحب اوهان جي ڳالهه ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي: خورشيد شاهه * پارليامينٽ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي :خورشيد شاهه * ايوان ۾ ڪير به اچڻ لاءِ تيار ناهي، 342جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود آهن: خورشيد شاهه * حڪومت ميمبرن جو اسيمبلي ۾ رويو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ٻڌايو وڃي ته هن وقت ڪهڙو وزير ايوان ۾ موجود آهي: خورشيد شاهه * جڏهن ڪنهن وزير ۾ ڪم پوي ٿو ته ڪير به نٿو ملي، وزيرن کان دير سان اچڻ تي اسڪول وانگر ڪرسي تي بيهاريو وڃي، اسيمبلي ۾ روزانو ايندڙ ميمبر عظيم آهي: خورشيد شاهه * ماڻهو ڪراچي ۽ بلوچستان کان اچن پر انهن جو ڪم نٿو ٿئي:خورشيد شاهه * پارليامينٽ ڀريل هجي ته ڪير به اک کڻي نٿو نهاري سگهي، ڪنهن تي تنقيد نه پر ساٿين جو آواز اٿاري رهيو آهيان:خورشيد شاهه * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ ڪوئلا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدار پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش * نيب پاران شاهد آفتاب احمد کوکر جو بيان قلمبند ڪيو ويو * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيل شاهدن جي بيان تي جرح ڪندو * جوابدارن تي بجلي گهرن لاءِ ڪڍيل ڪوئلو وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي * جوابدارن قومي خزاني کي اڍاِئي ارب جو نقصان پهچايو: نيب * ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن جي ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي * ڊاڪٽر عاصم اڄ احتساب عدالت ۾پيش نه ٿيندو * عاصم جو وڪيل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي * ڊاڪٽر عاصم جو طبي معائنو ٿيڻو آهي، ان لاءِ پيش نه ٿيندو: درخواست * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي * ريفرنس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي وارو معاملو * سنڌ حڪومت عدالتي حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي * ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، عدالت ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرائي * آرٽيڪل 69 ۽ 127 پارلياماني ڪارروائي کي تحفظ فراهم ڪري ٿي * عدالت سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي طلب نٿي ڪري سگهي:درخواست ۾ موقف * اسلام آباد: وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ملاقات * ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي: پي ايم هائوس ترجمان * ملاقات ۾پاڪ فوج جي پيشيواراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون * واشنگٽن: آمريڪي صدر افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو * پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن تي خاموش نه ويهنداسين: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ * اربين ڊالر ڏيڻ باوجود پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، افغانستان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي فائدو ۽ ٻي صورت ۾ نقصان ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ *اسان جي نيئن پاليسي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان کي خاص اهميت حاصل آهي، سفارتي، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي کي گڏ ڪري قدم کڻنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * اسان انهن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪنداسين جيڪو دهشتگردي کي هٿي ڏيندو: آمريڪي صدر * آمريڪي قوم گذريل 16 سالن کان جنگين سبب پريشان آهي، آمريڪي عوام جيان مون کي افغان جنگ ۾ ڊگهي ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * عراق جيان افغانستان مان نڪري وڃڻ واري غلطي کي ٻيهر نه ورجائينداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * ڪراچي: وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضيٰ بلوچ جو پٽ مبينا طور اغوا * صوبائي وزير جو پٽ گڏاپ مان اغوا ٿيو: ايس ايس پي ملير * اغوا جو واقعو برسات دوران پيش آيو: ايس ايس پي ملير * رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، 31 آگسٽ خميس ڏهاڙي حج پڙهيو ويندو، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو * ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات * گڏاپ، گلزار هجري، ڪورنگي، صدر، ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ برسات * ڊيرا مراد جمالي:ڳوٺ ڪٽه ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، موٽر سائيڪل سوار محمد نواز فوت * ڪڪڙ:ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * سوڀوديرو: ڳوٺ سليمان ڀاڳت ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ذوالفقار ڀاڳت فوت * ٽنڊوڄام: ڳوٺ حيدر شاهه آبڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان 16 ورهين جي رامو ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر کان برساتن ۽ جابلو علائقن ۾ برفباريءَ جو امڪان

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر کان برساتن ۽ جابلو علائقن ۾ برفباريءَ جو امڪان

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر کان برساتن ۽ جابلو علائقن ۾ برفباريءَ جو امڪان آهي، سخت سيءَ جي لهر به برقرار آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو هڪ سلسلو جمعي تي بلوچستان رستي ملڪ ۾ داخل ٿيندو جنهن بعد برسات پئجي سگهجي ٿي. موسميات کاتي ڇنڇر کان ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جو امڪان ڏيکاريو آهي. موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جو هڪ فعال سلسلو جمعي تي بلوچستان رستي ملڪ ۾ داخل ٿيندو، ان اثر هيٺ بلوچستان ۾ جمعي کان آچر دوران اڪثر هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ جمعي کان آچر دوران گجگوڙ سان برسات برسات پئجي سگهجي ٿي. اسلام آباد ۽ پنجاب جي مٿانهن علائقن ۾ آچر کان اربع دوران ڪٿي ڪٿي برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڏکڻ پنجاب ۾ به ڇنڇر ۽ آچر تي ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. خيبر پختون خواهه، فاٽا ۽ گلگت بلتستان ۾ آچر کان اربع دوران گجگوڙ سان برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب جابلو علائقن ۾ سخت برفباري بعد ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ سيءَ جي لهر وڌيڪ 2 ڏينهن جاري رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اڄ سڀ کان وڌيڪ سيءُ ڪالام ۾ رڪارڊ ڪيو ويو جتي گرمي پد ڪاٽو 16 رهيو. استور ڪاٽو 12، اسڪردو ڪاٽو 11، قلات ڪاٽو 9، دير، گلگت ، گوپس ڪاٽو 8، ڪوئيٽا، راولاڪوٽ، بگروٽ ڪاٽو 7، هنزه، مالم جبا ڪاٽو 6، پارا چنار، دروش ڪاٽو 5، ڪاڪول ڪاٽو 4،مري، چترال ۽ مري ڪاٽو 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب اسلام آباد ڪاٽو 2، مظفر آباد ٻڙي، پشاور 1،لاهور ۽ فيصل آباد 2، ملتان 5، حيدرآباد 8 ۽ ڪراچي ۾ 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب عام زندگي متاثر ٿي رهي آهي...     (تاريخ: خميس 12 جنوري 2017 ٽائيم: 11:40 )


Design & Developed by Aftab Tunio