Thu Mar 30 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ لاهور جي ڊي جي نيب کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم * عدالت ڊي جي نيب عاليه رشيد کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو *راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران آزاد ڪشمير ريجمينٽ سينٽر جو دورو: آءِ ايس پي آر * آرمي چيف نون ڪرنل ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ کي بيج لڳايا:آءِ ايس پي آر * بيج لڳائڻ واري تقريب ۾آرمي چيف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي * آزاد ڪشمير ريجمينٽ ملڪ جي بچاءِ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: آرمي چيف * آزاد ڪشمير ريجمينٽ جا 3 هزار 842 جوان شهيد ٿيا آهن: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن بابت ريفرنس داخل * اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 8 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو * جوابدارن تي 881 غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي: نيب جو الزام * ڀرتيون ايس آر پي حيدرآباد لاءِ ڪيون ويون: نيب * جعلي ڀرتين ذريعي قومي خزاني کي 50 ڪروڙن جو نقصان پهچايو ويو:نيب * ڀرتيون سپاهي، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ٻين عهدن لاءِ ڪيون ويون:نيب * سپريم ڪورٽ معاملي جو ميڊيا رپورٽن تي نوٽيس ورتو هو * جوابدارن خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال، ڪرپشن تحت ريفرنس داخل * منتظم جج جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ سبب ريفرنس جي ٻڌڻي منظور نه ٿي * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾چنگچي رڪشا تي پابندي خلاف اپيلن تي ڪيس جي ٻڌڻي * سپريم ڪورٽ پاران منظور ٿيل ڪمپنين جا رڪشا هلائڻ جو حڪم * ڪراچي ۾ 1950 ع جون بسون هلي رهيون آهن ، سڄي ملڪ ۾ چنگچي رڪشا پکڙيل آهن: جسٽس گلزار احمد * موٽر سائيڪل جي پويان رڪشا ڇو هلي رهيا آهن؟، هـِي خطرناڪ چنگچي رڪشا آهن،مــُڙڻ تي ڪلٽي ٿي ويندا آهن:عدالت * حڪومت ميٽرو، گرين بس، اورينج لائين ٽرانسپورٽ هلائي رهي آهي:عدالت * چنگچي رڪشن جي نظام کي ڏسڻ وارو ڪير به ناهي: جسٽس گلزار احمد * حڪومٽ وٽ غير قانوني چنگچي رڪشن جو انگ اکر موجود ناهي:عدالت * حڪومت کي هاڻي هـِي مسئلو به حل ڪرڻو آهي : جسٽس گلزار احمد جا ريمارڪس* اسلام آباد: چيني سفير سن وي ڊونگ جو سيمينار کي خطاب * سي پيڪ ۾ پاڪستاني ادارن جي سهڪار تي ٿورائتو آهيون: سن وي ڊونگ * چين هڪ روڊ ۽ هڪ بيلٽ جي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي: سن وي ڊونگ * هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪ سي پيڪ جي حمايت ڪن ٿا: سن وي ڊونگ * سي پيڪ جو مقصد علاقائي سهڪار ۽ واپار وڌائڻ آهي: سن وي ڊونگ * توانائي جا ڪيترائي منصوبا 2018 تائين مڪمل ٿي ويندا: سن وي ڊونگ * سي پيڪ سان علائقائي رابطا وڌائڻ ۾ مدد ملندي: سن وي ڊونگ * سي پيڪ سان ترقي جو سفر تيزي سان طئي ٿيندو: سن وي ڊون* ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس * ٽرانسپورٽ وارو وزير، چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اجلاس ۾ شريڪ * اجلاس ۾ بلو لائين ۽ انٽر سٽي بس سروس منصوبي تي غور ڪيو ويو * شهر ۾ 8 هزار نين گاڏين جي ضرورت آهي: ٽرانسپورٽ وارو وزير ناصر شاهه * نين بسن جي انشورنس سنڌ انشورنس ڪمپني ڪري: ناصر شاهه * ٻيون ڪمپنيون ڪراچي جي بسن جي انشورنس ڪرڻ لاءِ تيار ناهن: ناصر شاهه * وڏي وزير انٽر سٽي بس سروس لاءِ 6 سئو بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي * هلندڙ بسن جي حالت خراب آهي، نيون بسون آنديون وينديون:وڏو وزير مراد علي شاهه * بلو لائين سهراب ڳوٺ کان گرومندر تائين هلنديون مراد علي شاهه * بلو لائين ۾ روزانو 3 لک 57 هزار شهري سفر ڪري سگهندا: وڏو وزير * بسن جي کوٽ سبب شهري بسن جي ڇتن تي سفر ڪندا آهن: مراد علي شاهه *ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ٻن ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي 462 ۽ 17 ارب رپين جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي * عدالت پاران ڊاڪٽر عاصم حسين کي 50 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت * ريفري جج جسٽس آفتاب ڳورڙ ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت منظور ڪئي * سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻن ججن جي اختلافي فيصلي تي معاملو ريفري جج ڏانهن موڪليو ويو هو ‏ *سنڌ سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي جي پهرين بلاڪ ۾ گهر ڳڻپ ۽ آدمشماري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن لاءِ گهرن کان محروم ماڻهن جي به ڳڻپ ڪئي وئي،ٻئي بلاڪ ۾ 31 مارچ کان 2 اپريل تائين گهر ڳڻپ شروع ڪئي ويندي * ايم ڪيو ايم سربراهه فاروق ستار جون خانگي ٽي وي سان ڳالهيون * ايم ڪيو ايم ڪراچي جي مسئلن کي بهتر نموني سمجهي ٿي:فاروق ستار * سياست ڪرڻ وارا ورهايل نظر اچن ٿا؛ فاروق ستار * اسان جي آڏو ڪيترائي چئلينجز آهن: فاروق ستار * هن وقت متحده پاڪستان سخت امتحان ۾ آهي: فاروق ستار * ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 22 سئو مڪاني نمائندا آهن:فاروق ستار * 30سيڪڙو ڪارڪنن جي پارٽي سان جذباتي وابستگي آهي:فاروق ستار * اسان ڪارڪنن جي ڊي بريفنگ ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر فاروق ستار * ڪنهن به نظريي ڏيڻ واري سان ڪارڪن جي جذباتي وابستگي هوندي آهي: فاروق ستار * مون کي پيغام ڏنو ويو ته جڏهن چاهيون توکي گرفتار ڪيون، جڏهن چاهيون آزاد ڪيون: فاروق ستار * حڪومت کي گهرجي ته 22 آگسٽ وارا ڪيس ختم ڪري:فاروق ستار * ڪراچي: مقامي عدالت ۾ سليم شهزاد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي * سليم شهزاد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو * سليم شهزاد خلاف لانڍي ٿاڻي تي جهيڙي جو ڪيس داخل آهي * سليم شهزاد ڪيس ۾ روپوش هو: جاچ آفيسر * عدالت جاچ آفيسر کي 12 وڳي تائين رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم * منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيل آهن: سليم شهزاد * پاڪستان زندهه باد جو نعرو هڻڻ جي سزا ڏني پئي وڃي: سليم شهزاد * جيل مان آزاد ٿيڻ بعد اهم انڪشاف ڪندس: سليم شهزاد * سيوهڻ: صحت کاتي پاران سيوهڻ سانحي جي گم ٿيل ماڻهن جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري * 21 ڄڻن مان هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي * شڪارپور واسي گل بخت بروهي، صادق آباد جي 18 مهينن جي بيبي سويرا ۽ گمبٽ واسي صدورو مهر طور سڃاڻپ ٿي وئي * مٺي: ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان شاعر الماد عابد نهڙيو ۽ سندس ٻن سئوٽن کي 22، 22 سال ۽ ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي * جوابدارن تي ٿر ڪول ايريا ڏانهن ويندڙ پاڻي واري پائيپ لائين کي ساڙڻ جو الزام آهي * ٺٽو: سونڊا ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 8 شاگرد زخمي، اسپتال داخل * وڳڻ : ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، وڪيل علي حسن مغيري هٿ * ايس ايڇ او سڀاڻي رڪارڊ سميت عدالت طلب * ميهڙ: عوامي اتحاد جي لياقت جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن خلاف دادو تائين ريلي ڪڍي وئي * سنڌ ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي، ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: لياقت جتوئي * حيدرآباد:قاسم آباد ۾ پوائنٽ بس جو رڪشا کي ٽڪر، 15ورهين جو شاگرد گل محمد شاهه فوت * فوتي شاگرد جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * خانواهڻ: بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال * مسو ڀرڳڙي: ٻڍاڻي ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل پيرسن جو لاش هٿ * جهل مگسي: ڳوٺ ڪٽوهر ۾ هٿياربند هٿان ٻه عورتون ۽ نينگر قتل * جوابدار گلزار واقعي بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو * ڇاڇرو: ڳوٺ ڪروڙو سمان ۾ گيسٽرو وبا جي صورت اختيار ڪري وئي * ٻن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا گيسٽرو وگهي فوت، 40 مبتلا * فوتي ٻارن ۾ عرس سمون، آصف عمراڻي ۽ ڪامران سمون شامل * صحت کاتي ٿرپارڪر ۾ ڪو به نوٽيس ورتو * ڪراچي: اولڊ سٽي ايريا مان گاڏي مان هڪ شخص جو لاش هٿ * مقتول جي سڃاڻپ 32 ورهين جي عاطف طور ٿي آهي: پوليس* دادو: خانگي اسپتال ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب هڪ سال جي معصوم ٻارڙِي فوت ٿي وئي * ٽنڊو جان محمد:هندو برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان مندر کي سيل ڪيو ويو * غوثپور: ڳڙهي لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، رشيد اوڳاهي فوت، شيرل زخمي * چڪ: رستم روڊ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ٻن شاگردياڻين سميت 4 ڄٺڻا زخمي * نوشهروفيروز: بجلي جي تار ڪرڻ سبب ٽائون ڪميٽي جي پارڪ ۾ باهه، ڪاٺيون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو * باڊهه: ڳوٺ گند ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان عبدالخالق ساريو فوت

رابطو ڪريو:


توهان جو نالو:




اي ميل:




فون نمبر:




پيغام:







Design & Developed by Aftab Tunio