Sun Aug 20 2017
تازا ترين:  
* اسلام آباد: جسٽس آصف سعيد کوسا خلاف ريفرنس داخل * قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرايو * ريفرنس آئين جي آرٽيڪل 209 تحت داخل ڪيو ويو * جسٽس آصف سعيد کوسا اسپيڪر کي نواز شريف جو وفادار قرار ڏنو:ريفرنس * معزز جج جي عهدي تي رهڻ سان وڌيڪ تڪراري فيصلا ڏيڻ جو موقعو ملندو: ريفرنس * معزز جج پاران نواز شريف جو وفادار قرار ڏيڻ تي ساک کي نقصان پهتو آهي: ريفرنس * قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ايوان مقرر ڪيو آهي: ريفرنس * قومي اسيمبلي جي آفيسر ڪو جاچ جو ادارو ناهي: ريفرنس * قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ايوان مقرر ڪيو آهي: ريفرنس * معزز جج اسپيڪر جي عهدي ۽ پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪئي:ريفرنس * ريمارڪس سان پارليامينٽ جي خودمختياري تي ضرب لڳڻ جو تاثر ملي ٿو : ريفرنس * اهو فيصلو ايوان جي 342 ميمبرن ۽ اسپيڪر جي استحقاق کي مجروح ڪري ٿو: ريفرنس * جسٽس آصف سعيد کوسا فيصلي ۾ لکيو ته اسپيڪر معاملي جي جاچ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو: ريفرنس * ڪراچي: ڪوڙهه بيماري جي خاتمي لاءِ جيون ارپيندڙ رٿ فائو جون اڄ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون * ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ادا ڪيون پيو وڃن * آخري ۾ رسمن صدر ممنون حسين، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، شرڪت ڪندا * ڪور ڪمانڊر ڪراچي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز به ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا * ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون جاري ڊاڪٽر رٿ فائو کي 19 توپن جي سلامي ڏني وئي * سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽پ پ ايم پي اي سعيد غني آخري رسمن ۾ شريڪ * سنڌ جو گورنر محمد زبير ، ايس آءِ يو ٽي جو سربراهه ڊاڪٽر اديب رضوي، پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان ۽ علي زيدي آخري رسمن ۾ شريڪ آهن * ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ميئر وسيم اختر جي به ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري رسمن ۾ شرڪت * ڊاڪٽر رٿ فائو جي تدفين گورا قبرستان ۾سرڪاري اعزاز سان 2 وڳي ڪئي ويندي * ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري رسمن جي حوالي سان صدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت، پوليس ۽ رينجرز جا وڏا مقرر ڪيا ويا * اسلام آباد: وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا ويندو: ذريعا *ڪراچي؛ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي * اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا پيش * وفاقي، صوبائي اطلاعات وزارتن، ميڊيا ڪميشن ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو وڃي: درخواست * اشتهارن جي اگهن جي حوالي سان عدالت کي ٻڌايو وڃي: درخواستگذار * ٽي وي چينلز کي اشتهار ڏيڻ جي حوالي سان ڪابه پاليسي نه آهي: درخواستگذار * عدالت جوابدار عاصم عامر جي وڪيل جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا * جوابدارن تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ريفرنس جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چڙڏياريندڙ تقرير وارو معاملو * ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف 26 ڪيسن جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي * جوابدارن کي ڪيس جا نقل فراهم ڪيا ويا * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان * ڪراچي: احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي رجسٽرار سميت ٻن جوابارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي * عدالت اڳوڻي رجسٽرار حاجن شاهه کي 10 سال قيد ۽ 11 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي * جوابدار شڪيل احمد کي 3 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي * جوابدارن صدر ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ دڪانن کي غير قانوني ليز ڪيو: نيب * جوابدارن قومي خزاني کي ڪروڙِين رپين جو نقصان پهچايو * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ 185 ملين ڊالر ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدارن قومي خزاني لکي 185 ملين ڊالرن جو نقصان پهچايو آهي:نيب * ريفرنس ۾ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻو صدر علي رضا سميت 16 جوابدار نامزد آهن * جوابدار علي رضا ۽ ٻين هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي آهي: وڪيل * روپوش جوابدارن ۾ بنگلاديشي شهري به شامل آهن: جاچ آفيسر جي رپورٽ * روپوش جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي: جاچ آفيسر * عدالت رپوش جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا * عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: چاڪيواڙه ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو * مارجي ويل جي سڃاڻپ لياري گينگ وار حسنين طور ٿي: پوليس * جوابدار جو تعلق بابا لاڏلا گروپ سان هو: پوليس * ڪراچي: ڪامران چورنگي تي پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڦورو مارڻ جي دعويٰ *جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني: پوليس *جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، هٿيار هٿ: پوليس * ڪراچي: ڪورنگي ڪراسنگ تي بس ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي * ڪراچي: گلشن معمار ۾ فائرنگ هڪ شخص مارجي ويو : ذريعا * مارجي ويل جي سڃاڻپ وحيد گبول جي نالي سان ٿي * واقعو ذاتي دشمني پيش آيو، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس * ڪراچي: اورنگي جي پاڪستان بازار ۾ پوليس جي ڪارروائي، 4 جوابدار گرفتار * روهڙي: پيپلز پارٽي سکر ضلعي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران دربدر ڪري ڇڏيو آهي: مبين جتوئي * عوام صحت جي سهولتن کان محروم آهي: مبين جتوئي * شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن: پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين جتوئي جو ريلي کي خطاب * روهڙي: قومي شاهراهه تي ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي * دولتپور: ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ٿيليسيميا ۾ مبتلا نياڻي ڪومل جي آواز ٽي وي تي رپورٽ هلڻ بعد تعلقي ميڊيڪل آفيسر نوٽيس ورتو، هر ممڪن مدد جي خاطري * حيدر آباد: ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو، ٻيو زخمي حالت ۾ گرفتار * ڪراچي: ڪورنگي اڍائي نمبر نوراني بستي ۾ سي ٽي ڊي جو سرچ آپريشن،2 دهشتگرد مارجي ويا * قاضي احمد: لاکاٽ ٿاڻي جي حد ۾پوليس مبينا مقابلو، 2 جوبدار مارجي ويا * جوابدارن جي سڃاڻپ محمد عمران آرائين ۽ عمران جي نالي سان ٿي * لکي غلام شاهه: روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل شاهد سومرو زخمن جي سٽ نه سهندي سکر اسپتال ۾ فوت *

ڪرنٽ افيئر:

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پارٽي جي صدارت تان روڪڻ وارو فيصلو چيلينج

*لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پارٽي جي صدارت تان روڪڻ وارو فيصلو چيلينج ڪيو ويو. هڪ شهري محمد امين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان نواز شريف کي پارٽي جي صدارت کان روڪڻ واري فيصلي کي چيلينج ڪيو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاناما فيصلي تحت نااهل نواز شريف کي پارٽي جي ... (وڌيڪ پڙهو)


طالبان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خط لکي افغانستان مان فوج ڪڍڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

*طالبان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خط لکي افغانستان مان فوج ڪڍڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو ادارن موجب آمريڪا جي پرڏيهي وزارت تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته طالبان صدر ٽرمپ کي خط اماڻيو آهي جنهن ۾ افغانستان مان فوج جي واپسي جو مطالبو شامل آهي. پرڏيهي ترجمان موجب افغانستان جي موجودا صورتحال جا ذميوار طالبان آهن، ڇاڪاڻ ته ... (وڌيڪ پڙهو)


وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ دفاعي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو

*وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڀڃڪڙين تي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ فاٽا ۾ هلندڙ آپريشن ضرب عضب ۽ اڳئين مرحلي لاءِ آپريشن رد الفساد ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي صوبي اندر جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

*سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي صوبي اندر جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نيب جي جاچ کي منهن ڏيندڙ سنڌ اسيمبلي ميمبرن ۽ آفيسرن جي فهرست طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا. درخواستگذار جي وڪيل بيريسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 143 تي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ... (وڌيڪ پڙهو)


احتساب عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ شرجيل انعام ميمڻ تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

* ڪراچي جي احتساب عدالت ۾اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا پيش ٿيا. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي قانون موجب سمورا دستاويز فراهم ڪيا ... (وڌيڪ پڙهو)


اي او بي آءِ جي اڳوڻو چيئرمين ظفر گوندل مس ڪنڊيڪٽ ۽ ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري تان برطرف

* وزيراعظم اي او بي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل کي مس ڪنڊيڪٽ ۽ ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان ترجمان موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي ظفر گوندل کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ظفر گوندل آڊٽ اينڊ اڪائونٽس گروپ جي 20 هين گريڊ جو آفيسر هو. اي او بي جي ... (وڌيڪ پڙهو)


اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اسلام آباد کان لاهور لاءِ نڪتل ريلي گجرانوالا مان روان دوان آهي

*اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اسلام آباد کان لاهور لاءِ نڪتل ريلي گجرانوالا مان روان دوان آهي. رات گجرانوالا ۾ ترسڻ بعد نواز شريف جو قافلو لاهور روانو ٿي ويو آهي، مختلف هنڌن تي سندس آجيان لاءِ تياريون پڻ ڪيل آهن. پنجاب حڪومت طرفان گجرانوالا کان لاهور تائين جي ٽي روڊ اڄ کان عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. جي ٽي روڊ جي ٻنهي طرفن کان ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌو دريا ۾ لاڳيتو واڌ اچڻ ڪري وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪلئير ڪئي وئي آهي

* سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي، جنهن بعد سکر بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻُوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي. سکر جي ڪچي جا سمورا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ کانپوءِ علائقي واسين لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. گڊو وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 49 هزار 811 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 28 هزار 640 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ... (وڌيڪ پڙهو)


ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي: نفيس زڪريا

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي ۽ ان لاءِ هو افغانستان جي سرزمين استعمال پيو ڪري. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪ فوج آپريشن ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان لکين افغاني مهاجرن ... (وڌيڪ پڙهو)


هر حال ۾ تعليم کي بهتر ڏسڻ چاهيان ٿو : وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

* وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو هر حال ۾ تعليم کي بهتر ڏسڻ چاهي ٿو، تعليم بهتر هوندي ته سڀ مسئلا پاڻ بهتر ٿي ويندا. وڏي وزير جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي منصوبن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر، مير هزار خان بجارڻي، تعليم واري سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ پرڏيهي فنڊن ... (وڌيڪ پڙهو)