Thu May 25 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي:سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس * اجلاس ۾ آءِ جي کي نه گهرايو ويو، اي آءِ جيز ۽ ڊي آءِ جيز شريڪ * اجلاس ۾ طلب ناهي ڪيو ويو، اسلام آباد آيل آهيان: اي ڊي خواجه * آءِ جي فون ڪرائي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪيو هو: اي آءِ جي ٽريفڪ * اجلاس ۾ شرڪت کان ڪنهن کي ناهي روڪيو: ترجمان آءِ جي سنڌ * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي * عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * آءِ جي سنڌ کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب خلاف شرميلا فاروقي جي درخواست تي ٻڌڻي، 8 جون تي ڌرين کي ٻڌنداسين: عدالت * مون کي 21 سالن لاءِ نا اهل قرار ڏيڻ قانون جي خلاف ورزي آهي: شرميلا فاروقي * نا اهلي 10 سالن جي لاءِ هوندي آهي: وفاقي حڪومت جي وڪيل جو موقف * 21 سالن لاءِ نا اهليءَ وارو فيصلو غلط آهي: وفاقي حڪومت * شرميلا فاروقي کي 21 سالن جي لاءِ نا اهلي ان وقت جي قانون موجب صحيح آهي: نيب جو وڪيل * نيب قانون 1999ع ۾ ٺهيو، شرميلا فاروقي پلي بارگين 2001ع ۾ ڪئي: نيب جو وڪيل * ان وقت جي نيب قانون مطابق نا اهلي 21 سال هئي، جيڪا بلڪل درست آهي: وڪيل نيب * ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ يو اين او وفد جي ملاقات * وڏي وزير کي لنڊن ۾ ٿيندڙ فيملي پلاننگ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت * اسلام آباد: عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جعلي مني ٽريل جمع ڪرائي:دانيال عزيز * اسلام آباد: عمران جمائمه جو ڪو بيان سامهون ناهي آندو: دانيال عزيز * عمران خان ملڪيت ڪاري ناڻي مان خريد ڪئي: دانيال عزيز * عمران خان جي هڪ هڪ ڪوڙ کي بي نقاب ڪيو ويندو:دانيال عزيز * اسلام آباد: ن ليگ اقتدار ۾ ايندي ئي سازشون شروع ڪيون: نعيم الحق * نواز شريف پاڻ کي ڊان ليڪس مان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي:نعيم الحق * مٺي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ پهچندا، ٻئي اڳواڻ ٿرڪول بلاڪ 2 تي ڪوئلي جي کوٽائي ۽ پاور پلانٽ جي ڪم جو جائزو وٺندا * وڏي وزير پاران تڪراري ٿرڪول گوڙاڻو ڊيم جي افتتاح ڪرڻ جو امڪان، حفاظتي انتظام سخت * اسلام آباد: آدمشماري جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پوري قوم مبارڪن جي حقدار آهي: مريم اورنگزيب * فرض سرانجام ڏيندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: مريم اورنگزيب * وزيراعظم جي نظريي مطابق آدمشماري جو عمل بهتر طريقي سان مڪمل ڪيو ويو: مملڪتي وزير * عوام جي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ وڌيڪ رستا کلندا: مريم اورنگزيب * آدمشماري بعد معاشي منصوبه بندي ڪئي ويندي: مريم اورنگزيب * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ غلام قادر پليجو جي ضمانت ۾ 15 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي * غلام قادر پليجو خلاف جاچ آخري مرحلي ۾ آهي: نيب * غلام قادر پليجو خلاف جاچ جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن: عدالت جو نيب کي حڪم * ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ ٿي * اسلام آباد:قائد اعظم يونيورسٽي هڪ هفتي کانپوءِ کولي وئي * ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙي کانپوءِ يونيورسٽي کي بند ڪيو ويو هو * شاگرد ڪائونسلز ختم ڪيون ويون آهن: يونيورسٽي انتظاميا * شاگردن جي ڪائونسلز نالي تي ڪا به سرگرمي نه ٿيندي: نوٽيفڪيشن * مردان: عبدالولي خان يونيورسٽي جو گارڊن ڪيمپس کوليو ويو * ڪراچي:اورنگي 5 ۾ پراسرار گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت، فوتي اهلڪار جي سڃاڻپ گل خان جي نالي سان ٿي * ڪوهاٽ:سماري روڊ تي مبينا مقابلو، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، مقابلي دوران فائرنگ ۾ دهشتگرد انعام الله مارجي ويو:پوليس * دهشتگردن پاران دستي بم حملي ۾ هڪ اهلڪار زخمي: پوليس * ڪراچي: سينٽرل جيل ۾قتل جي جوابدارکي ڦاهي ڏني وئي * جوابدار مختيار راجپوت کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي * ڄامشورو: ڪوئلي جي کاڻ ۾گئس ڀرجڻ سبب 3 پورهيت فوت، فوتين ۾ علي شير، وحيد علي ۽ مدد علي شامل، ڪيترائي بيهوش * خانپور:عيدگاهه ويجهو معمولي ڳالهه تان پورهيت قتل * جوابدار انعام پنهور بندوق جا فائر ڪري صداقت کي قتل ڪيو * عمرڪوٽ:بس روڊ پار ڪندڙ 2 عورتن مٿان چڙهي وئي، گودي ڪولهڻ فوت، هڪ زخمي * سيوهڻ:انڊس هاءِ وي کي ڊبل روڊ نه ڪرڻ خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاهرو * جيڪب آباد: اسپيشل ٻارڙن جو اسڪول شادي حال ۾ تبديل، پرنسپال پڙهائي دوران موڪل ڪرائي ٻارڙن کي گهر موڪلي ڇڏيو * ڪراچي: سيپڪو ملازمن پاران پگهارون وڌائڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا، ڪنڊيارو، ٺاروشاهه، مٺياڻي، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا * خانپور: سينيئر صحافي رحيم لاڙڪ جي گهر واري دل جو دورو پوڻ سبب فوت * ميرپور ماٿيلو: ڏهرڪي پوليس پاران مبينا قتل ڪيل پورهيت رزاق لاڙڪ جو مک جوابدار نواز شر پوليس جو مهمان بڻيل * ڏهرڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيو ۽ وڏي منشي رياض سيلرو کي به پوليس لائين ۾ سهولتون مليل * ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ به ٻوٽو نه ٻاريو، مک جوابدار نواز شر کي بغير هٿڪڙين جي رمانڊ لاءِ ڪورٽ پهچايو، پوليس جوابدارن کي بچائڻ لاءِ سرگرم * سانگهڙ: پاڻيءَ جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پرويز چانڊيو قتل، 5 ڄڻا زخمي * سجاول: امين پٺاڻ تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي شٽربند هڙتال * نصير آباد: روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت افروز خاتون واهوچو زخمن جا سور نه سهندي ڪراچيءِ جي اسپتال ۾ فوت * راڻيپور: ڳوٺ عبدالله سهتو ۾ پسٽل صاف ڪندي گولي لڳڻ سبب نوجوان راجا سهتو فوت، علائقي ۾ آپگهات جا چوٻول * شهدادڪوٽ: اڳوڻو صوبائي صلاحڪار نور نبي جوڻيجو 83 ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو * فيض گنج:تعليم جي موضوع تي سيمينار، زوهيب زرداري، تعليمي ماهرن ۽ شهرين جي شرڪت * ميهڙ: باءِ پاس ويجهو بخاري هوٽل تي ويٺل مصري چانڊيو کي هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو * ميهڙ: ڪوئيٽا کان خضدار ويندي 2 ڄڻا پراسرار نموني گم * امتياز مڱڻهار ۽ علي گوهر قمبراڻي جا موبائل نمبر بند * لاهور: ڀارتي شهري عظميٰ واهگه بارڊر ذريعي ڀارت پهچي وئي:ڀارتي ميڊيا * عظميٰ 25 ڏينهن کانپوءِ ڏيهه پهتي: ڀارتي ميڊيا *

پاڪستان جون:

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جعلي مني ٽريل جمع ڪرائي آهي:ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز

نواز ليگ جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جعلي مني ٽريل جمع ڪرائي آهي. اسلام آباد ۾ ن ليگ اڳواڻ دانيا عزيز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جمائمه جو ڪو بيان سامهون ناهي آندو، عمران خان ملڪيت ڪاري ناڻي مان خريد ڪئي. دانيال عزيز چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي هڪ هڪ ڪوڙ کي بي نقاب ... (وڌيڪ پڙهو)


خان صاحب ڪي پي جي عوام جي خدمت ڪرڻ بدران سڄو وقت وفاقي حڪومت جي مخالفت تي لڳائي ڇڏيو آهي:جواجا سعد رفيق

*ريلويءَ واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان جي شخصيت تضاد جو مجموعو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته پارٽي فنڊ ڪيس تي عمران خان هر هر اليڪشن ڪميشن جي دائر اختيار کي چئلينج ڪري ٿو. سعد رفيق چيو ته وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو وڪيل برداري طرفان ناهي ڪيو ويو. ريلوي واري وفاقي وزير ... (وڌيڪ پڙهو)


ڀارت بزدلاڻين ڪاررواين کان نه مڙي سگهيو آهي،آءِ ايس پي آر

*ڀارت بزدلاڻين ڪاررواين کان نه مڙي سگهيو آهي،آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج هن ڀيري يو اين فوجي مبصرن جي گروپ جي گاڏيءَ کي نشانو بڻايو آهي. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب، ڀارتي فوج هڪ ڀيڙو ٻيهر ايل او سي تي جنگبندي واري ٺاهه جي ڀڇڪڙي ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چوڻ هو ته ڀارتي فوج يو اين جي فوجي مبصرن جي گاڏي کي ... (وڌيڪ پڙهو)


ڀارتي ميڊيا،ڪلڀوشن ياديو کي بچائڻ لاءِ نئيون ڪهاڻيون ٺاهڻ لڳي

* ڀارتي ميڊيا،ڪلڀوشن ياديو کي بچائڻ لاءِ نئيون ڪهاڻيون ٺاهڻ لڳي ويو آهي،ميڊيا موجب، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي اهلڪار جو چوڻ هو ته ڀارتي جاسوس کي ايران مان پڪڙيو ويو هو. ڀارتي ميڊيا، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي اهلڪار رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل امجد شعيب کي نشانو بڻائيندي هڪ ٻيو ڪوڙ جوڙي ورتوآهي. رٽائرڊ ليفٽيننٽ امجد شعيب موجب، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ... (وڌيڪ پڙهو)


فوجي عدالت پاران سزا ٻڌايل وڌيڪ ٻن دهشتگردن کي ڦاهي ڏني وئي

فوجي عدالت پاران سزا ٻڌايل وڌيڪ ٻن دهشتگردن کي ڦاهي ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب فوجي عدالت پاران سزا ٻڌايل ٻن دهشتگردن عطاءُ الله ۽ تاج محمد کي ڦاهي ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب ٻئي دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ملوث هئا. ڦاهي آيل ٻنهي دهشتگردن ... (وڌيڪ پڙهو)


اڳرائي ٿي تھ اسان جو جواب ڀارت جون پيڙهيون ياد رکنديون،ايئر چيف مارشل سهيل امان

*ڀارتي ايئرچيف جي ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ پاڪستان جي هوائي فوج ڀارتي ڌمڪين کانپوءِ پنهنجون تمام فارورڊ ايئربيس آپريشنل ڪري ڇڏيون. ڀارتي ڌمڪيءَ کانپوءِ هوائي فوج ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن. هوائي فوج سياچن جي ويجهو جنگي تيارين جي تربيتي اڏامون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هوائي فوج جو سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ... (وڌيڪ پڙهو)


اليڪشن ڪميشن پاران سياسي پارٽين جي 2016 جي گوشوارن جا تفيصل جاري

اليڪشن ڪميشن پاران سياسي پارٽين جي 2016 جي گوشوارن جا تفيصل جاري ڪري ڇڏيا. ن ليگ، ايم ڪيو ايم پيٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي ڪروڙن ۾ کيڏڻ باوجود سڀني جي آمدني جو ذريعو پارٽي جو چندو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل گوشوارن موجب ن ليگ 30 ڪروڙ رپين جا اثاثآ ظاهر ڪيا، 2016 ۾ ظاهر ڪيل اثاثن مان صرف 93 لک خرچ ڪيا. اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ جي 7 ڪروڙ 40 ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان جي آئين ۽ قانون تي سوشل ميڊيا ذريعي حملو ڪيو ويو، پاڪ فوج خلاف توهين آميز مواد رکڻ وارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

*وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڊان ليڪس جي حوالي سان ھدايتون گهرو وزارت جاري ڪيون هيون ۽ ان جي رپورٽ ڪجهه ڏينهن پهرين پڌري ڪري ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ چوڌري نثار جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا جي اهميت جو مون سميت سڀني کي احساس آهي پر سوشل ميڊيا تي وڏي تعداد ۾ توهين آميز مواد ظاهر ٿيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا ... (وڌيڪ پڙهو)


عضون جي غير قانوني پيوندڪاري معاشري لاءِ ناسور آهي: چيف جسٽس ثاقب نثار

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عضون جي غير قانوني پيوندڪاري معاشري لاءِ ناسور آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ گردن جي غير قانوني وڪري بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي . اسلام آباد پوليس 53 صفحن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ به گردن جو غير قانوني وڪرو ... (وڌيڪ پڙهو)


چمن ۾ پاڪ-افغان سرحدي ڇڪتاڻ سبب باب دوستي 19 ڏينهن بھ بند، ڪاروباري سرگرميون معطل

چمن ۾ پاڪ-افغان سرحدي ڇڪتاڻ سبب باب دوستي 19 ڏينهن بھ بند آهي، جڏهن تھ پيادل اچ وڃ ۽ ڪاروباري سرگرميون پڻ معطل آهن. پاڪ-افغان سرحد افغان فوج جي فائرنگ سبب 5 مئي کان مسلسل بند آهي، جنهن سبب نيٽو سپلاءِ ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ سميت هر قسم جون ڪاروباري سرگرميون ۽ پيادل اچ وڃ معطل آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪلي لقمان ۽ ڪلي جهانگير ۾ مردم ... (وڌيڪ پڙهو)