Wed Apr 26 2017
تازا ترين:  
* ‏www.awaztv.tv ‏ ‏ ‏(((اهم خبرون))) * راولپنڊي: پاڪ_برطانيا آرمي اسٽاف ڳالهين جو ٽيون دور: آءِ ايس پي آر * پاڪ_برطانيا جي ملاقات آرمي جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي: آءِ ايس پي آر * برطانيا جي وفد جي اڳواڻي جنرل نڪولس ڪئي: آءِ ايس پي آر * ڊي جي ايم او ميجر جنرل شمشاد مرزا وفد جي آجيان ڪئي: آءِ ايس پي آر * ڊي جي ايم او شمشاد برطانوي وفد کي آپريشن ردالفساد بابت بريفنگ ڏني: آءِ ايس پي آر * مالاڪنڊ: ڳڙهي خدا بخش ۾ عوام جي خدمت جو قسم کنيو آهي: آصف زرداري *اسان بنا خوف جي پٺاڻن کي سڃاڻپ ڏني: آصف زرداري * هاڻي به توهان جو اين ايف سي ايوارڊ هڙپ ڪيو پيو وڃي: آصف زرداري *سي پيڪ عوام لاءِ ٺهرايو، جيڪو ڦورن کسي ورتو: آصف زرداري * نواز شريف ضياءُ الحق جي پيداوار آهي: آصف زرداري * نواز شريف ضياءُ الحق جي فلسفي تي هلي رهيو آهي: آصف زرداري * عوام سان ڪا به مذاق برداشت نه ڪنداسين: آصف زرداري * اسان فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪنداسين: آصف زرداري * سوات ۾ اوهان جي مدد سان جهنڊو ڦڙڪايوسين: آصف زرداري * پاڻ فاٽا ويندس ۽ عوام جا حق کسي وٺندس: آصف زرداري * ن ليگ حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي: آصف زرداري * پختونن کي چوان ٿو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارن: آصف زرداري * جعلي خان ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي: آصف زرداري * نواز شريف ملڪ کي مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جو تحفو ڏنو: آصف زرداري *ڪراچي: ڳجهي اطلاع پوليس يا رينجرز وٽ آئي ته ڪارروائي ٿيندي آهي: آءِ جي سنڌ * هڪ سرڪاري آفيسر هئڻ جي ناتي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان: آءِ جي سنڌ * عدالت ۾ جيڪا پٽيشن آهي اها منهنجي طرف کان ناهي: آءِ جي سنڌ * سرڪاري طريقي سان هٽايو ويو ته هڪ منٽ به سيٽ تي نه ويهندس: آءِ جي * منهنجو پيپلز پارٽي جي حڪومت سان ڪو به تڪرار نه آهي: اي ڊي خواجا * اسلام آباد: وزيراعظم نواز شريف سان چوڌري نثار علي جي ملاقات * چوڌري نثار وزيراعظم کي ڊان ليڪس جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي: ذريعا * پرويز رشيد خلاف ڪي به پڪا ثبوت نه ملي سگهيا: ذريعا * رپورٽ ۾ پرويز رشيد جي موبائيل فرانزڪ رپورٽ به شامل: ذريعا * رپورٽ ۾ طارق فاطمي ۽ رائو تحسين ذميوار قرار: ذريعا * طارق فاطمي ۽ رائو تحسين کان استعيفيٰ وٺڻ جو امڪان: ذريعا * ڊان اخبار خلاف ڪارروائي اي پي اين ايس حوالي ڪرڻ جي سفارش: ذريعا * راولپنڊي: پاڪستان ۽ ڀارت جي عسڪري قيادت جو هاٽ لائن تي رابطو: آءِ ايس پي آر * رابطو مردم شماري جي عملي جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر * ڪرم ايجنسي: گودر واري علائقي ۾ وين ۾ ڌماڪو، مارجي ويلن جو انگ 14 ٿي ويو، 8 زخمي :پوليٽيڪل اختياريون * صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف، مراد علي شاهه، رحمان ملڪ ۽ ٻين پاران ڌماڪي جي مذمت * * سڀاڻي قائداعظم جي مزار آڏو ڌرڻو هنيو ويندو: نثار کهڙو * سڀاڻي وارو ڌرڻو 3 وڳي ٿيندو: نثار کهڙو * ڌرڻي ۾ پيپلز پارٽي جا هزارين ڪارڪن شريڪ ٿيندا: نثار کهڙو * وزير اعظم جي عهدي تي ويٺل نواز شريف چور آهي: نثار کهڙو * سنڌ جي عوام ملڪ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻايو: نثار کهڙو * هاڻي عوام وفاقي حڪومت جي زيادتين جو مقابلو ڪندو: نثار کهڙو * سڀني مسئلن جي پاڙ نواز شريف آهي، هاڻي عهدو ڇڏي ڏئي: نثار کهڙو * پ پ پاران ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڌرڻا هڻڻ جو به اعلان ڪيو ويو * 21مئي تي سکر ۾ گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو هڻڻ جو اعلان * حيدرآباد ۾ 30 اپريل ۽ 6 مئي تي لاڙڪاڻو ۾ ڌرڻا هنيا ويندا * ميرپورخاص ۾ 11 مئي ۽ 16 مئي تي شهيد بينظير آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو * ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس * خيرپور هجي يا سانگهڙ هاڻ مخالف ٽپڙ کڻن: منظور وساڻ *هميشه هٿيارن جي زور تي پ پ کان چونڊون کٽيون ويون آهن: منظور وساڻ * فنڪشنل جو نالو مٽايو ، هاڻ نان فنڪشنل آهي : تيمور ٽالپر * فنڪشنل وارا پ پ ۾ ٿا اچن، کين هاڻ نه قبولبو: تيمور ٽالپر * ساڙ وارا ساڙ گهٽ ڪن يا اسپيڪر فائربرگيڊ گهرائي: تيمور ٽالپر *اڃا ته پ پ جي پارٽي شروع ٿي آهي: فياض ٻٽ * ڄام مدد ۽ امتياز شيخ بعد ڪجهه فنڪشنل وارا منٿون پيا ڪن: فياض ٻٽ * شڪر آهي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ۾ آهيان: ڄام مدد *گهڻو وقت وڃايم، هاڻ دير پوري ڪرڻي آهي: ڄام مدد * نذير قائمخاني ۽ سندس پٽ هڪ بي گناهه نوجوان کي قتل ڪرايو:ڄام مدد *سپاهي جو علاج ٿئي پيو ان جي مالي مدد ڪئي وڃي: ڄام مدد *پ پ قيادت جو ٿورائتو آهيان جنهن مون تي اعتماد ڪيو: ڄام مدد * ڪابه سوڀ آخري ۽ ڪابه شڪست آخري ناهي ٿيندي:محفوظ يار خان * اسيمبلي ۾ ڪهڙو تماشو ٿي رهيو آهي: ثمر علي خان * کٽڻ هارائڻ جمهوريت جو حصو آهي ٻين تي تنقيد سٺي نٿي لڳي: ثمرعلي خان * ڄام مدد پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آهي: نثار کهڙو * سانگهڙ ۾ اڄ اسان جي اڪثريت آهي * اوهان مخالف ڌر جي ميمبرن کي سمجهايو: نثار کهڙو جو خواجا اظهار الحسن کي مشورو * اوهان مخالف ڌر جي ميمبرن کي ڳالهائڻ ڏيو: خواجا اظهار * ٻين کي به پنهنجي حيثيت جو اندازو ٿي ويو هوندو: نثار کهڙو * نصرت سحر عباسي جي ايوان ۾ گول ميز ڪانفرنس جي نشاندهي * ڪجهه ميمبر اسپيڪر کي پٺي ڏئي ڪچهري ۾ مصروف آهن: نصرت سحر عباسي * اوهان سوال پڇو تقرير نه ڪيو: آغا سراج دراني * سانگهڙ جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو: ضياءُ الحسن لنجار * سانگهڙ ۾ ذوالفقار ڀٽو تي فائرنگ ڪئي وئي هئي: امداد پتافي * ڪراچي: اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ون جو 9 مهنن کان اجلاس نه ٿي سگهيو * تعليم صحت، روينيو ۽ مڪاني ادزرن جا 88 ڪيس رولڙي جو شڪار * ڪراچي: اورنگي پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار * گرفتار تاج علي عرف تاجا ۽ غلام اڪبر عرف اڪبر مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا: ايس پي اورنگي * جوابدارن وٽان 2 عدد پسٽل، 5 گوليون، هينڊ گرنيڊ ۽ موبائل فونز هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي اورنگي * ملير: ضلع ڪائونسل ڪراچي جو اجلاس چيئرمين سلمان عبدالله مراد جي صدارت هيٺ ٿيو * اجلاس ۾ وزيراعظم جي استيفيٰ ڏيڻ لاءِ ٺهراء منظور ((مقامي خبرون)) * جروار: سرحد امتحاني سينٽر مان گرفتار شاگردياڻين وارو معاملو * گهوٽڪي ضلعي جي استاد تنظيمن پاران سڀاڻي رٿيل پرچي جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان * شهدادڪوٽ: ڳوٺاڻن جو با اثر جي زيادتين خلاف عابد ڪمبوهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ۾ظاهرو* ڪي اين شاهه: سن ويجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، ڪي اين شاهه واسي بشير کوکر فوت، 2 عورتون زخمي* ميرپور ماٿيلو: اي ايس پي آصف بهادر مير پور خاص مقرر * آصف بهادر سکيا جو رهيل مدو ميرپورخاص ۾ پورو ڪندو، نوٽيفڪيشن جاري * تنگواڻي: جنگواڻي ۽ نوناري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 زخمي، اسپتال منتقل *مديجي: پوسٽ آفيس محلي ۾ پٺاڻ ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي * ڪڪڙ: بهه سان ڀريل ٽرالي ڪلٽي، 2 ڄڻا عاشق جمالي ۽ اويس ٻٻر فوت * گهوٽڪي: فيصل ڪالوني جي رهواسي 45 ورهين جي سهراب ڪولاچي جي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت * غوثپور: انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار رڪشو ڪلٽي،6 ڄڻا زخمي1 * دادو: وومين پروٽيڪشن سيل دادو جي جوهي ۾ ڪارروائي، حيدرآباد جي رهواسڻ شافيا شاهه بازياب * عورت کي پنهنجي ڀاڻج 80 هزار ۾ وڪرو ڪيو: ايس ايس پي شبير سيٺار* ميهڙ: 5 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ماسترياڻي جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي هڪ عورت سميت 3 ڄڻن خلاف داخل * کپرو: وارهه موري ويجهو مندر مان چوري جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * راڻيپور: ڪڻڪ گدام تي اڻڄاتل شخص جو گدام جي انچارج تي تشدد * ضلعي ۾ فوڊ انسپيڪٽرن جي هڙتال، ضلعي جا 52 گدام بند * ڳڙهي خيرو: ڳوٺ متارو جکراڻي ۾ 20 ورهين جي نوجوان اپگهات ڪري ڇڏي * ڳوٺ: دلمراد 30 ورهين جي نوجوان محمد علي عمراڻي ڪارو پٿر کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ٽنڊو آدم: ڳجهن ادارن جي ڪارروائي، قبرستان ۾ لڪايل 7 ڪلو بارودي مواد هٿ * موساڻي قبرستان ۾ پوريل 7 ڪلو بارودي مواد ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري هٿ ڪيو ويو: پوليس * سڪرنڊ: ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ جلباڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 8 ڄڻا زخمي * لاڙڪاڻو: يار محمد ڪالوني ۾ آدمشماري ٽيم تي مبينا فائرنگ جي الزام هيٺ نثار چانڊيو گرفتار * اسان شاديءَ جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪئي، آدمشماري ٽيم اچڻ جي ڪا خبر نه هئي: نثار چانڊيو * پوليس جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو * معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون: پوليس * رتوديرو: مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، عورت فوت، سندس پٽ زخمي * ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر ڪوچ جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو * 40سالن جي نور بيگم فوت، سندس پٽ ظاهر شاهه زخمي، اسپتال منتقل * ٽنڊوڄام: پوليس جو شفيع بائونڊري وٽ ڏوهارين سان مبينا مقابلو، پوليس پاران هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا* ڪنڊيارو: 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪري پيا، 2 ڄڻن جا لاش هٿ * لاڙڪاڻو: سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 2 مبينا دهشتگرد گرفتار * قاري بلال عمراڻي ۽ عابد شاهه کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي پوليس * گرفتار ٿيلن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، پسٽل ۽ چندي جون رسيدون هٿ ڪيون آهن: پوليس * قاري بلال پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪارڪن آهي، هن افغانستان مان ٽريننگ حاصل ڪئي آهي: ايس پي سي ٽي ڊي * عابد شاهه بخشاپور ٽرين ڌماڪي ۾ ملوث آهي: ايس پي سي ٽي ڊي * (((وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽس لاءِ وزٽ ڪندا آواز ٽي وي جي ويب سائيٽ)))

شوبز:

بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان اڄ پنهنجي 52 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان اڄ پنهنجي 52 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي عامر خان کي فن ورثي ۾ مليو، سندس والد طاهر حسين ۽ چاچو ناصر حسين وقت جا بهترين فلمساز هئا، عامر خان به والد ۽ چاچي کي ڏسي فني دنيا ۾ قدم رکيو. عامر خان جو اصل نالو عامر حسين خان آهي، هن 14 مارچ 1965ع تي جنم ورتو،.هن کي فلمن ۾ اچڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو،عامر خان چاچي ناصر ... (وڌيڪ پڙهو)


فلم “لا لا لينڊ” هالي ووڊ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ آسڪرز جو ميلو ٻهاري ورتو،بهترين فلم جو ايوارڊ “مون لائيٽ” کي مليو

آمريڪي رومينٽڪ ڪاميڊي فلم “لا لا لينڊ” هالي ووڊ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ آسڪرز جو ميلو ٻـُهاري ورتو، لا لا لينڊ 6 ايوارڊز کٽڻ ۾ ڪامياب رهي، بهترين فلم جو ايوارڊ “مون لائيٽ” کي مليو، جڏهن ته پرڏيهي ٻولي ۾ ايراني ڊائريڪٽر اصغر فرهادي جي فلم “دي سيلز مين” کي بهترين فلم قرار ڏنو ويو. 89هين اڪيڊمي ايوارڊز جي تقريب آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ ... (وڌيڪ پڙهو)


ٽئين ون ڊي مئچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 264 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو، ڪينگروز جي بيٽنگ جاري

پنج ون ڊي مئچز تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ميچ پرٿ ۾ جاري آهي، ميچ کٽڻ لاءِ پاڪستان، ميزبان آسٽريليا کي 264 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، بابر اعظم شاندار 84 رنسون ٺاهي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهڻ جو سر ويون رچرڊز جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. آسٽريليا، ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 50 اوررن ۾ ... (وڌيڪ پڙهو)


هالي ووڊ جي سائنس فڪشن فلم “رينجرز” جو پهريون ٽريلر جاري

واشنگٽن( شوبز نيوز) هالي ووڊ جي سائنس فڪشن فلم “رينجرز” جو پهريون ٽريلر جاري ٿي ويو، جڏهن ته ٽيلر جاري ٿيڻ بعد شوقين فلم ڏسڻ لاءِ بيتاب ٿي ويا. اسرائيلٽ جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺهندڙ فلم “رينجرز” جي ڪهاڻي پنج شاگردن وچ ۾ گهمي ٿي جنهن کي اهڙي طاقت هوندي آهي جو هو خطرناڪ دشمنن سان وڙهي انسانن جي جان بچائين ٿا. هايم سبان، برائن ڪيسٽيني ۽ ... (وڌيڪ پڙهو)


هالي ووڊ جي سپر هيرو فلم “ ڊاڪٽر اسٽرينج” جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو

ايڪشن سان ڀرپور هالي ووڊ جي سپر هيرو فلم “ ڊاڪٽر اسٽرينج” جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، فلم 4 نومبر تي سينيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي اسڪاٽ ڊيريڪسن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “ ڊاڪٽر اسٽرينج” ۾ مک ڪردار هالي ووڊ جو ناليوارو اداڪار بينڊڪٽ ڪمبربيچ نڀائي رهيو آهي،جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ ريچل ميڪيڊم، مائيڪل اسٽال برگ، چيويٽل ... (وڌيڪ پڙهو)


آمريڪن سائنس فڪشن فلم “اَرائيول” جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو،فلم 11 نومبر تي رليز ٿيندي

آمريڪن سائنس فڪشن فلم “اَرائيول” جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو،فلم 11 نومبر تي رليز ٿيندي آمريڪن سائنس فڪشن فلم “اَرائيول” جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، فلم 11 نومبر تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي ڊينس ولينيوو جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “ اَرائيول ” جي ڪهاڻي هڪ اهڙي ٽيم جي چوڌاري گهـُمي ٿي جنهن کي هڪ پـُراسرار اسپيس ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ جي ليجنڊ اداڪار يوسف علي جي وڇوڙيَ کي 15 سال گــُذري ويا

سنڌ جي ليجنڊ اداڪار يوسف علي جي وڇوڙيَ کي 15 سال گــُذري ويا،ورسي تي کيس ڪنهن به ياد نه ڪيو، گامو سچار ۽ جوسي وارن ڪردارن کيس امر بڻائي ڇڏيو، يوسف علي جهـُڏي واري علائقي جو رهواسي هو ۽ کيس شوبز ۾ آڻيندڙ اداڪار ملڪ انوکو هو. يوسف علي شروعات ۾ اسٽيج ۽ فلمن جو فائيٽ ڊائريڪٽر هو. يوسف علي پهريون ڊرامو “ڍڳو پير پيران” ڪيو، ان کانپوءِ ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان جي حق ۾ ڳالهائڻ تي بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اوم پوري خلاف ڀارت ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو

پاڪستان جي حق ۾ ڳالهائڻ تي بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اوم پوري خلاف ڀارت ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي جي انڌيري پوليس اسٽيشن ۾ مقامي شهري پاران درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اوم پوري خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ پاڪستان جي حق ۾ جڏهن ته ڀارت ۽ ڀارتي فوج خلاف ڳالهايو جنهن جي بنياد تي سندس خلاف ... (وڌيڪ پڙهو)


بالي ووڊ اسٽار ٽائيگر شروف جي نئين سپر هيرو فلم “ اي فلائينگ جٽ ” سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش

بالي ووڊ جي مارشل آرٽ اداڪار ٽائيگر شروف جي نئين سـُپر هيرو فلم “اَي فلائينگ جـَٽ” سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي فلمساز ريمو ڊِسوزا جي ڊائريڪشن هيٺ ٺهيل فلم “اَي فلائينگ جـَٽ” ايڪتا ڪپور ۽ شوڀا ڪپور جي گڏيل پراڊڪشن آهي. فلم جي مـُک ڪاسٽ ۾ ٽائيگر شروف، جيڪيلن فرنانڊز ۽ ناليوار ريسلر ناٿن جونز شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي سپر ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ جي منفرد انداز واري راڳي سليمان شاهه جي وڇوڙي کي 20 ورهيه گـذري ويا

“سهڻا پنهنجي اکين کي جهـَل تون ” جهڙو شاهڪار گيت ڳائيندڙ سنڌ جي منفرد انداز واري راڳي سليمان شاهه جي وڇوڙي کي 20 ورهيه گــُذري ويا، سندس آواز اڄ به جهر جهنگ گونجي رهيو آهي سليمان شاهه 20 جولاءِ 1933ع تي جاتي ۾ سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ هن رڳو پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي. 200 کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ هن جو استاد بـَچـُو شيخ هو، ... (وڌيڪ پڙهو)