Sun Aug 20 2017
تازا ترين:  
* اسلام آباد: جسٽس آصف سعيد کوسا خلاف ريفرنس داخل * قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرايو * ريفرنس آئين جي آرٽيڪل 209 تحت داخل ڪيو ويو * جسٽس آصف سعيد کوسا اسپيڪر کي نواز شريف جو وفادار قرار ڏنو:ريفرنس * معزز جج جي عهدي تي رهڻ سان وڌيڪ تڪراري فيصلا ڏيڻ جو موقعو ملندو: ريفرنس * معزز جج پاران نواز شريف جو وفادار قرار ڏيڻ تي ساک کي نقصان پهتو آهي: ريفرنس * قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ايوان مقرر ڪيو آهي: ريفرنس * قومي اسيمبلي جي آفيسر ڪو جاچ جو ادارو ناهي: ريفرنس * قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ايوان مقرر ڪيو آهي: ريفرنس * معزز جج اسپيڪر جي عهدي ۽ پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪئي:ريفرنس * ريمارڪس سان پارليامينٽ جي خودمختياري تي ضرب لڳڻ جو تاثر ملي ٿو : ريفرنس * اهو فيصلو ايوان جي 342 ميمبرن ۽ اسپيڪر جي استحقاق کي مجروح ڪري ٿو: ريفرنس * جسٽس آصف سعيد کوسا فيصلي ۾ لکيو ته اسپيڪر معاملي جي جاچ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو: ريفرنس * ڪراچي: ڪوڙهه بيماري جي خاتمي لاءِ جيون ارپيندڙ رٿ فائو جون اڄ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون * ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ادا ڪيون پيو وڃن * آخري ۾ رسمن صدر ممنون حسين، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، شرڪت ڪندا * ڪور ڪمانڊر ڪراچي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز به ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا * ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون جاري ڊاڪٽر رٿ فائو کي 19 توپن جي سلامي ڏني وئي * سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽پ پ ايم پي اي سعيد غني آخري رسمن ۾ شريڪ * سنڌ جو گورنر محمد زبير ، ايس آءِ يو ٽي جو سربراهه ڊاڪٽر اديب رضوي، پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان ۽ علي زيدي آخري رسمن ۾ شريڪ آهن * ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ميئر وسيم اختر جي به ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري رسمن ۾ شرڪت * ڊاڪٽر رٿ فائو جي تدفين گورا قبرستان ۾سرڪاري اعزاز سان 2 وڳي ڪئي ويندي * ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري رسمن جي حوالي سان صدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت، پوليس ۽ رينجرز جا وڏا مقرر ڪيا ويا * اسلام آباد: وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا ويندو: ذريعا *ڪراچي؛ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي * اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا پيش * وفاقي، صوبائي اطلاعات وزارتن، ميڊيا ڪميشن ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو وڃي: درخواست * اشتهارن جي اگهن جي حوالي سان عدالت کي ٻڌايو وڃي: درخواستگذار * ٽي وي چينلز کي اشتهار ڏيڻ جي حوالي سان ڪابه پاليسي نه آهي: درخواستگذار * عدالت جوابدار عاصم عامر جي وڪيل جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا * جوابدارن تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ريفرنس جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چڙڏياريندڙ تقرير وارو معاملو * ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف 26 ڪيسن جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي * جوابدارن کي ڪيس جا نقل فراهم ڪيا ويا * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان * ڪراچي: احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي رجسٽرار سميت ٻن جوابارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي * عدالت اڳوڻي رجسٽرار حاجن شاهه کي 10 سال قيد ۽ 11 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي * جوابدار شڪيل احمد کي 3 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي * جوابدارن صدر ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ دڪانن کي غير قانوني ليز ڪيو: نيب * جوابدارن قومي خزاني کي ڪروڙِين رپين جو نقصان پهچايو * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ 185 ملين ڊالر ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدارن قومي خزاني لکي 185 ملين ڊالرن جو نقصان پهچايو آهي:نيب * ريفرنس ۾ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻو صدر علي رضا سميت 16 جوابدار نامزد آهن * جوابدار علي رضا ۽ ٻين هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي آهي: وڪيل * روپوش جوابدارن ۾ بنگلاديشي شهري به شامل آهن: جاچ آفيسر جي رپورٽ * روپوش جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي: جاچ آفيسر * عدالت رپوش جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا * عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: چاڪيواڙه ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو * مارجي ويل جي سڃاڻپ لياري گينگ وار حسنين طور ٿي: پوليس * جوابدار جو تعلق بابا لاڏلا گروپ سان هو: پوليس * ڪراچي: ڪامران چورنگي تي پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڦورو مارڻ جي دعويٰ *جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني: پوليس *جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، هٿيار هٿ: پوليس * ڪراچي: ڪورنگي ڪراسنگ تي بس ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي * ڪراچي: گلشن معمار ۾ فائرنگ هڪ شخص مارجي ويو : ذريعا * مارجي ويل جي سڃاڻپ وحيد گبول جي نالي سان ٿي * واقعو ذاتي دشمني پيش آيو، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس * ڪراچي: اورنگي جي پاڪستان بازار ۾ پوليس جي ڪارروائي، 4 جوابدار گرفتار * روهڙي: پيپلز پارٽي سکر ضلعي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران دربدر ڪري ڇڏيو آهي: مبين جتوئي * عوام صحت جي سهولتن کان محروم آهي: مبين جتوئي * شهري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن: پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين جتوئي جو ريلي کي خطاب * روهڙي: قومي شاهراهه تي ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي * دولتپور: ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ٿيليسيميا ۾ مبتلا نياڻي ڪومل جي آواز ٽي وي تي رپورٽ هلڻ بعد تعلقي ميڊيڪل آفيسر نوٽيس ورتو، هر ممڪن مدد جي خاطري * حيدر آباد: ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو، ٻيو زخمي حالت ۾ گرفتار * ڪراچي: ڪورنگي اڍائي نمبر نوراني بستي ۾ سي ٽي ڊي جو سرچ آپريشن،2 دهشتگرد مارجي ويا * قاضي احمد: لاکاٽ ٿاڻي جي حد ۾پوليس مبينا مقابلو، 2 جوبدار مارجي ويا * جوابدارن جي سڃاڻپ محمد عمران آرائين ۽ عمران جي نالي سان ٿي * لکي غلام شاهه: روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل شاهد سومرو زخمن جي سٽ نه سهندي سکر اسپتال ۾ فوت *

سنڌ جون:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سول اسپتال جو نالو تبديل ڪري ڪوڙهه کي زندگي ارپيندڙ ڊاڪٽر رٿ فائو جو نالو رکڻ جو اعلان

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سول اسپتال جو نالو تبديل ڪري ڪوڙهه کي زندگي ارپيندڙ ڊاڪٽر رٿ فائو جو نالو رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت طرفان سول اسپتال جو نالو تبديل ڪري ڊاڪٽر رٿ فائو نالو رکڻ جي اعلان بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ان موقعي تي صحت جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تي سول اسپتال جو نالو ... (وڌيڪ پڙهو)


ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ پاڪستان جي مدر ٽريسا ڪوٺجندڙ ڊاڪٽر رٿ فائوجي سرڪاري اعزاز سان تدفين

ڪراچي جي گورا قبرستان ۾ پاڪستان جي مدر ٽريسا ڪوٺجندڙ ڊاڪٽر رٿ فائوجي سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي وئي ڊاڪٽر رٿ فائو 57 ورهيه اڳ پاڪستان آئي ۽ هن ڪوڙهه جي مرض خلاف جنگ شروع ڪئي، هن ڪراچي ۾ ڪُوڙهه جي علاج جي اسپتال قائم پڻ ڪئي پاڪسان سرڪار ڊاڪٽر رٿ فائو جي خدمتن عيوض کيس هلال امتياز، ستاره قائد اعظم ۽ نشان قائد اعظم جي اعزازن سان ... (وڌيڪ پڙهو)


ڪراچي جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

*ڪراچي جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي جج جسٽس شوڪت حيات چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي هڪ ئي عدالت ۾ ٿيندي. ڪراچي جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جوابدران کي ڪيس بابت نقل فراهم ڪري ڇڏيا. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت حيات ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ... (وڌيڪ پڙهو)


ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون صدر واري علائقي ۾ قائم سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ادا ڪيون ويون

*زندگي جا 57 سال پاڪستان ۾ ڪوڙهه جهڙي خطرناڪ مرض جي خاتمي ۽ سماجي خدمتن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ جرمن ڄائي ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون ادا ڪرڻ ڪرڻ بعد گورا قبرستان ڪراچي ۾ تدفين ڪئي وئي. ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ قائم سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ادا ڪيون ويون. آخري رسمن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر محمد زبير، ايم ... (وڌيڪ پڙهو)


وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي گرين سٽي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

وڏي وزير سيد مراد علي ڪراچي گرين سٽي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، منصوبي ۾ورلڊ بئنڪ 86 ملين ڊالر ۽ سنڌ حڪومت 12 ملين ڊالر ڏيندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ منصوبي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هزار خان بجاراڻي، ڄام خان شورو، ناصر شاهه، سردار شاهه، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ... (وڌيڪ پڙهو)


ڪيسن کي خراب ڪندڙ جاچ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي:اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو

اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو چيو آهي ته ڪيسن کي خراب ڪندڙ جاچ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اينٽي ڪرپشن جو اهم اجلاس چيئرمين علم الدين بلو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ 1458 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته 2017ع ۾ 13 جوابدارن کي سزائون جڏهن ... (وڌيڪ پڙهو)


عمران خان ياد رکي ته هاڻ حڪيم الله محسود جو ڪلهو ناهي رهيو:پ پ اڳواڻ سعيد غني

پ پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي سعيد غني چيو آهي ته عمران خان جي روئڻ جا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن . ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته عمران خان ياد رکي ته هاڻ حڪيم الله محسود جو ڪلهو ناهي رهيو . سندس چوڻ هو ته سياست بزدلن جو نه پر بهادرن جو ڪم آهي، جيڪڏهن چار پوليس وارا بيهن ته عمران خان گهر مان ئي نه نڪرندو. ايم پي اي ... (وڌيڪ پڙهو)


پيٽرول ۽ ڊيزل 30،35رپين ۾ خريد ڪري 80رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي:خورشيد شاهه طرفان وزيراعظم ڏي اماڻيل خط ۾ آگاهي

قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاھھ وزيراعظم شاھد خاقان عباسي کي خط لکي ڇڏيو. خورشيد شاهه طرفان وزيراعظم ڏي اماڻيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل 30،35رپين ۾ خريد ڪري 80رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. خوشيد شاهه خط ۾ ڄاڻايو ته حڪومت کي ٽيڪس جي نظام ۾ بھتري لاءِ فوري قدم کڻڻ گھرجن. خورشيد شاهه موجب اڻ سڌي ٽيڪس ۾ گھٽتائي آندي ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ هاءِ ڪورٽ ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

*سنڌ هاءِ ڪورٽ ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار ڪورنگي فش هاربر ايمپلائيز يونين جي صدر علم الدين موقف اختيار ڪيو ته 2009ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ فش هاربر جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ادا ... (وڌيڪ پڙهو)


هڪ برطانوي شهري جي چوڻ تي ملڪ جي ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي:صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال

سنڌ ۾ بئنڪن جي سڪيورٽي لاءِ خاص الڳ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي ايس او پي تي عمل نه ڪندڙ بئنڪ مئنيجرن کي گرفتار ڪيو ويندو. صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻي، اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي، ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ... (وڌيڪ پڙهو)