Thu Mar 30 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ لاهور جي ڊي جي نيب کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم * عدالت ڊي جي نيب عاليه رشيد کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو *راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران آزاد ڪشمير ريجمينٽ سينٽر جو دورو: آءِ ايس پي آر * آرمي چيف نون ڪرنل ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ کي بيج لڳايا:آءِ ايس پي آر * بيج لڳائڻ واري تقريب ۾آرمي چيف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي * آزاد ڪشمير ريجمينٽ ملڪ جي بچاءِ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: آرمي چيف * آزاد ڪشمير ريجمينٽ جا 3 هزار 842 جوان شهيد ٿيا آهن: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن بابت ريفرنس داخل * اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 8 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو * جوابدارن تي 881 غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي: نيب جو الزام * ڀرتيون ايس آر پي حيدرآباد لاءِ ڪيون ويون: نيب * جعلي ڀرتين ذريعي قومي خزاني کي 50 ڪروڙن جو نقصان پهچايو ويو:نيب * ڀرتيون سپاهي، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ٻين عهدن لاءِ ڪيون ويون:نيب * سپريم ڪورٽ معاملي جو ميڊيا رپورٽن تي نوٽيس ورتو هو * جوابدارن خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال، ڪرپشن تحت ريفرنس داخل * منتظم جج جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ سبب ريفرنس جي ٻڌڻي منظور نه ٿي * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾چنگچي رڪشا تي پابندي خلاف اپيلن تي ڪيس جي ٻڌڻي * سپريم ڪورٽ پاران منظور ٿيل ڪمپنين جا رڪشا هلائڻ جو حڪم * ڪراچي ۾ 1950 ع جون بسون هلي رهيون آهن ، سڄي ملڪ ۾ چنگچي رڪشا پکڙيل آهن: جسٽس گلزار احمد * موٽر سائيڪل جي پويان رڪشا ڇو هلي رهيا آهن؟، هـِي خطرناڪ چنگچي رڪشا آهن،مــُڙڻ تي ڪلٽي ٿي ويندا آهن:عدالت * حڪومت ميٽرو، گرين بس، اورينج لائين ٽرانسپورٽ هلائي رهي آهي:عدالت * چنگچي رڪشن جي نظام کي ڏسڻ وارو ڪير به ناهي: جسٽس گلزار احمد * حڪومٽ وٽ غير قانوني چنگچي رڪشن جو انگ اکر موجود ناهي:عدالت * حڪومت کي هاڻي هـِي مسئلو به حل ڪرڻو آهي : جسٽس گلزار احمد جا ريمارڪس* اسلام آباد: چيني سفير سن وي ڊونگ جو سيمينار کي خطاب * سي پيڪ ۾ پاڪستاني ادارن جي سهڪار تي ٿورائتو آهيون: سن وي ڊونگ * چين هڪ روڊ ۽ هڪ بيلٽ جي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي: سن وي ڊونگ * هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪ سي پيڪ جي حمايت ڪن ٿا: سن وي ڊونگ * سي پيڪ جو مقصد علاقائي سهڪار ۽ واپار وڌائڻ آهي: سن وي ڊونگ * توانائي جا ڪيترائي منصوبا 2018 تائين مڪمل ٿي ويندا: سن وي ڊونگ * سي پيڪ سان علائقائي رابطا وڌائڻ ۾ مدد ملندي: سن وي ڊونگ * سي پيڪ سان ترقي جو سفر تيزي سان طئي ٿيندو: سن وي ڊون* ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس * ٽرانسپورٽ وارو وزير، چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اجلاس ۾ شريڪ * اجلاس ۾ بلو لائين ۽ انٽر سٽي بس سروس منصوبي تي غور ڪيو ويو * شهر ۾ 8 هزار نين گاڏين جي ضرورت آهي: ٽرانسپورٽ وارو وزير ناصر شاهه * نين بسن جي انشورنس سنڌ انشورنس ڪمپني ڪري: ناصر شاهه * ٻيون ڪمپنيون ڪراچي جي بسن جي انشورنس ڪرڻ لاءِ تيار ناهن: ناصر شاهه * وڏي وزير انٽر سٽي بس سروس لاءِ 6 سئو بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي * هلندڙ بسن جي حالت خراب آهي، نيون بسون آنديون وينديون:وڏو وزير مراد علي شاهه * بلو لائين سهراب ڳوٺ کان گرومندر تائين هلنديون مراد علي شاهه * بلو لائين ۾ روزانو 3 لک 57 هزار شهري سفر ڪري سگهندا: وڏو وزير * بسن جي کوٽ سبب شهري بسن جي ڇتن تي سفر ڪندا آهن: مراد علي شاهه *ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ٻن ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي 462 ۽ 17 ارب رپين جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي * عدالت پاران ڊاڪٽر عاصم حسين کي 50 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت * ريفري جج جسٽس آفتاب ڳورڙ ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت منظور ڪئي * سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻن ججن جي اختلافي فيصلي تي معاملو ريفري جج ڏانهن موڪليو ويو هو ‏ *سنڌ سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي جي پهرين بلاڪ ۾ گهر ڳڻپ ۽ آدمشماري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن لاءِ گهرن کان محروم ماڻهن جي به ڳڻپ ڪئي وئي،ٻئي بلاڪ ۾ 31 مارچ کان 2 اپريل تائين گهر ڳڻپ شروع ڪئي ويندي * ايم ڪيو ايم سربراهه فاروق ستار جون خانگي ٽي وي سان ڳالهيون * ايم ڪيو ايم ڪراچي جي مسئلن کي بهتر نموني سمجهي ٿي:فاروق ستار * سياست ڪرڻ وارا ورهايل نظر اچن ٿا؛ فاروق ستار * اسان جي آڏو ڪيترائي چئلينجز آهن: فاروق ستار * هن وقت متحده پاڪستان سخت امتحان ۾ آهي: فاروق ستار * ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 22 سئو مڪاني نمائندا آهن:فاروق ستار * 30سيڪڙو ڪارڪنن جي پارٽي سان جذباتي وابستگي آهي:فاروق ستار * اسان ڪارڪنن جي ڊي بريفنگ ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر فاروق ستار * ڪنهن به نظريي ڏيڻ واري سان ڪارڪن جي جذباتي وابستگي هوندي آهي: فاروق ستار * مون کي پيغام ڏنو ويو ته جڏهن چاهيون توکي گرفتار ڪيون، جڏهن چاهيون آزاد ڪيون: فاروق ستار * حڪومت کي گهرجي ته 22 آگسٽ وارا ڪيس ختم ڪري:فاروق ستار * ڪراچي: مقامي عدالت ۾ سليم شهزاد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي * سليم شهزاد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو * سليم شهزاد خلاف لانڍي ٿاڻي تي جهيڙي جو ڪيس داخل آهي * سليم شهزاد ڪيس ۾ روپوش هو: جاچ آفيسر * عدالت جاچ آفيسر کي 12 وڳي تائين رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم * منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيل آهن: سليم شهزاد * پاڪستان زندهه باد جو نعرو هڻڻ جي سزا ڏني پئي وڃي: سليم شهزاد * جيل مان آزاد ٿيڻ بعد اهم انڪشاف ڪندس: سليم شهزاد * سيوهڻ: صحت کاتي پاران سيوهڻ سانحي جي گم ٿيل ماڻهن جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري * 21 ڄڻن مان هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي * شڪارپور واسي گل بخت بروهي، صادق آباد جي 18 مهينن جي بيبي سويرا ۽ گمبٽ واسي صدورو مهر طور سڃاڻپ ٿي وئي * مٺي: ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان شاعر الماد عابد نهڙيو ۽ سندس ٻن سئوٽن کي 22، 22 سال ۽ ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي * جوابدارن تي ٿر ڪول ايريا ڏانهن ويندڙ پاڻي واري پائيپ لائين کي ساڙڻ جو الزام آهي * ٺٽو: سونڊا ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 8 شاگرد زخمي، اسپتال داخل * وڳڻ : ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، وڪيل علي حسن مغيري هٿ * ايس ايڇ او سڀاڻي رڪارڊ سميت عدالت طلب * ميهڙ: عوامي اتحاد جي لياقت جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن خلاف دادو تائين ريلي ڪڍي وئي * سنڌ ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي، ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: لياقت جتوئي * حيدرآباد:قاسم آباد ۾ پوائنٽ بس جو رڪشا کي ٽڪر، 15ورهين جو شاگرد گل محمد شاهه فوت * فوتي شاگرد جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * خانواهڻ: بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال * مسو ڀرڳڙي: ٻڍاڻي ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل پيرسن جو لاش هٿ * جهل مگسي: ڳوٺ ڪٽوهر ۾ هٿياربند هٿان ٻه عورتون ۽ نينگر قتل * جوابدار گلزار واقعي بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو * ڇاڇرو: ڳوٺ ڪروڙو سمان ۾ گيسٽرو وبا جي صورت اختيار ڪري وئي * ٻن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا گيسٽرو وگهي فوت، 40 مبتلا * فوتي ٻارن ۾ عرس سمون، آصف عمراڻي ۽ ڪامران سمون شامل * صحت کاتي ٿرپارڪر ۾ ڪو به نوٽيس ورتو * ڪراچي: اولڊ سٽي ايريا مان گاڏي مان هڪ شخص جو لاش هٿ * مقتول جي سڃاڻپ 32 ورهين جي عاطف طور ٿي آهي: پوليس* دادو: خانگي اسپتال ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب هڪ سال جي معصوم ٻارڙِي فوت ٿي وئي * ٽنڊو جان محمد:هندو برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان مندر کي سيل ڪيو ويو * غوثپور: ڳڙهي لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، رشيد اوڳاهي فوت، شيرل زخمي * چڪ: رستم روڊ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ٻن شاگردياڻين سميت 4 ڄٺڻا زخمي * نوشهروفيروز: بجلي جي تار ڪرڻ سبب ٽائون ڪميٽي جي پارڪ ۾ باهه، ڪاٺيون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو * باڊهه: ڳوٺ گند ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان عبدالخالق ساريو فوت

اسپورٽ:

پاڪ ڀارت سيريز هلندڙ سال دبئي ۾ ٿيڻ جو امڪان

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پنهنجي حڪومت کي خط لکيو آهي، حڪومت پاران اجازت ملڻ بعد پاڪ ڀارت سيريز هلندڙ سال دبئي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پاڪستان سان سيريز کيڏڻ لاءِ ڀارتي بورڊ پنهنجي گهرو وزارت کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. جيڪڏهن حڪومت اجازت ڏني ته نومبر ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪ ڀارت سيريز ٿي سگهي ... (وڌيڪ پڙهو)


اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ گهرو وزارت جي آفيس ۾ چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، نادرا، پي ٽي اَي، ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت جي ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت ... (وڌيڪ پڙهو)


ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو، ڪامران اڪمل ۽ احمد شهزاد جي واپسي

ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪامران اڪمل ۽ احمد شهزاد جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ته ون ڊي جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي، عمر اڪمل ۽ ياسر شاهه کي ٽيم ۾ جڳهه نه ملي سگهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ٻڌايو ته عمر اڪمل کي فٽنيس جي مسئلن سبب ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ... (وڌيڪ پڙهو)


پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل، محمد عرفان کي معطل ڪيو ويو

پاڪستان سپر ليگ ۾ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي آڙ ۾ آيل فاسٽ بالر محمد عرفان کي هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تان معطل ڪيو ويو آهي. فاسٽ بالر محمد عرفان گذريل ڏينهن پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ آڏو پنهنجو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرايو هو جنهن ۾ هن بـُڪي سان ملاقات جو اعتراف ڪيو هو. اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد عرفان کي هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تان معطل ڪندي چارج ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان سپر ليگ جو سپر فائنل، پشاور زلمي جو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 149 رنسن جو ٽارگيٽ، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي بيٽنگ جاري

پاڪستان سپر ليگ جي فائنل مئچ لاءِ پشاور زلميءَ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 149 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي بيٽنگ جاري آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ پي ايس ايل جي فائنل مئچ لاءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي پهريان پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پشاور زلمي طرفان ڪامران اڪمل هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 40 ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان سپر ليگ جي پڄاڻي واري تقريب، ناليوارن گلوڪارن پاران فن جو مظاهرو، پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

پاڪستان سـُپر ليگ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ ناليوارن گلوڪارن فن جو مظاهرو ڪري قذافي اسٽيڊيم ۾ موجود هزارين شوقينن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته دهشتگرديءَ خلاف قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيل پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن جي پڄاڻي واري تقريب جي شروعات دهشتگردي خلاف پنهنجيون حياتيون ... (وڌيڪ پڙهو)


پشاور زلمي جي ڪپتان جو دبنگ اعلان، پي ايس ايل فائنل کٽي وياسين ته سڄي ٽيم ٺوڙهه ڪرائيندي:ڊيرن سيمي

پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي دبنگ اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن هـُو پي ايس ايل جو فائنل کٽي ويا ته سڄي ٽيم ٺوڙهه ڪرائيندي. ڊيرن سيمي اهڙو دبنگ اعلان انٽرنيٽ جاري هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو. وڊيو ۾ ڊيرن سيمي يونس خان ۽ پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي سان پشتو ۾ گپ شپ پڻ ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان سپر ليگ جو سپر فائنل، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ دنگل جاري

پاڪستان سپر ليگ جي فائنل مئچ لاءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي ٽيمن ۾ دنگل جاري آهي، ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان سوڀ لاءِ پـُراميد آهن، جڏهن ته هزارين شوقين قذافي اسٽيڊيم ۾ موجود آهن. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ پي ايس ايل جي فائنل مئچ لاءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي پهريان پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پشاور زلمي ۾ هڪ تبديلي ... (وڌيڪ پڙهو)


پي ايس ايل فائنل، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ هزارين شوقنن جي آمد ،سڪيورٽي سخت

پي ايس ايل جي ٻئي ايڊيشن جي فائنل مئچ لاءِ قذافي اسٽيڊيم کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. بيٽنگ وڪيٽ تيار ڪئي وئي آهي جتي چوڪن ۽ ڇڪن جي برسات ٿيندي. پڄاڻي واري تقريب کي چار چنڊ لڳائڻ لاءِ ڪيترائي ناليوارا گلوڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ان موقعي تي لاهور کي به روشنين جو شهر بڻائڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. پي ايس ايل جي ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان سپر ليگ جي فائنل جي جنگ ڪجهه دير ۾ شروع رهي آهي، تياريون مڪمل، لکين شوقين بي صبري سان انتظار ڪرڻ لڳا

پاڪستان سـُپر ليگ جي فائنل مئچ ڪجهه دير ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي رهي آهي،ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي ٽيمون ڪاميابي لاءِ پـُرعزم آهن،ڪرڪيٽ جا لکين شوقين مئچ ڏسڻ لاءِ بي تاب آهن. پي ايس ايل جي ٻئي ايڊيشن جي فائنل مئچ لاءِ قذافي اسٽيڊيم کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. بيٽنگ وڪيٽ تيار ڪئي وئي آهي جتي چوڪن ۽ ڇڪن جي برسات ... (وڌيڪ پڙهو)